يسعياہ 33:20 - Muslim Sindhi Bible20 صيئون جبل ڏانهن نهاري ڏسو، جتي اسين مخصوص عيدون ملهائيندا آهيون. هائو، اوهين يروشلم ڏانهن نهاريو، جيڪو امن وَ سلامتيءَ جي جاءِ آهي. اهو اهڙي مضبوط تنبوءَ مثل آهي جنهن کي هٽائي نہ سگھبو، جنهن جا ڪِلا ڪڏهن بہ پٽي نہ سگھبا، ۽ جنهن جي رسن مان هڪڙو رسو بہ نہ ڇڄندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 صيون ڏانهن نظر ڪر جو اسانجين پاڪ رسمن جو شهر آهي: تنهنجون اکيون يروشلم کي ڏسنديون جو آرام جو گهر، ۽ اهڙو تنبو آهي جو هٽايو نہ ويندو، جنهن جا ڪِلا پٽيا نہ ويندا، ۽ جنهن جي رسن مان ڪوبہ نہ ڇڄندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.