Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 33:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اوهين اها وحشي قوم وري نہ ڏسندا، جيڪي عجيب وَ غريب ٻولي ڳالهائيندا هئا، ۽ انهن جي اها مِڻ مِڻ اوهين سمجھي نہ سگھندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تون اها خوفناڪ قوم نہ ڏسندين جنهن جون اونهيون ڳالهيون تون ڪين سمجهندين، جنهن جي ڌاري ٻولي توکي سمجهہ ۾ ڪين ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 33:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجھارو وجھون تہ جيئن هو هڪٻئي جو ڳالهائڻ سمجھي نہ سگھن.“


تنهنڪري خداوند اشور جي شهنشاهہ بابت هيئن ٿو فرمائي تہ ’هو هن شهر ۾ داخل ٿي نہ سگھندو، نڪي شهر تي ڪو تير هلائي سگھندو. سندس ڪوبہ سپاهي ڍال کڻي شهر جي ويجھو نہ ايندو، ۽ نہ وري هو انهيءَ جي چوڌاري دِڪا ئي ٺاهي سگھندا.


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ، بيٺا رهو ۽ خداوند جو ڇڏائڻ ڏسو جيڪو اڄ ئي اوھان لاءِ ٿيندو. اوهين جن مصرين کي اڄ ڏسي رهيا آهيو، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


اي مئي‌خوارؤ! جيڪڏهن اوهين مون کي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو، تہ ياد رکو، خدا اوهان کي سبق سيکارڻ لاءِ ڌارين ماڻهن جي وسيلي سندن ٻوليءَ ۾ اوهان سان ڳالهائيندو، جيڪا اوهان لاءِ بلڪل عجيب هوندي.


بلڪ جنهن رستي کان هو آيو هوندو، تنهن ساڳي ئي رستي کان هو موٽي ويندو ۽ شهر ۾ داخل ڪين ٿي سگھندو،


اها حالت ڏسي اشور جو شهنشاهہ سنحيرب پنهنجي منزل پٽي اتان هلي پيو. هو نينواہ شهر ڏانهن موٽي آيو ۽ اتي ئي رهي پيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! آءٌ هڪڙي ڏورانهين قوم اوهان تي ڪاهي آڻيندس. اُها زورآور ۽ قديم قوم آهي. اُها هڪڙي اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي اوهين نہ ٿا ڄاڻو، نہ وري انهن جون ڳالهيون سمجھي سگھو ٿا.


پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”توڙي جو آءٌ هن قوم سان ڌاريون ٻوليون، ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻڌندا. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ