Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 33:14 - Muslim Sindhi Bible

14 صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 صيون ۾ جيڪي گنهگار آهن، سي ڊڄي ويا آهن؛ بي دينن کي اوچتو ڏڪڻي وٺي وئي آهي. اسان مان ڪير تباهہ ڪندڙ باهہ سان رهندو؟ اسان مان ڪير هميشہ جي کورن سان رهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 33:14
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دهشتناڪ شيون هر پاسي کان کين ڊيڄارينديون، ۽ انبوہ جي صورت ۾ پيڇو ڪري کين ڀڄائينديون.


هو بڇڙن ماڻهن تي ٻرندڙ ٽانڊا ۽ گندرف وسائيندو، ۽ جھولي جي گرم هوا سندن مقدر بڻبي.


تون پنهنجي غصي وقت کين ائين ساڙي وجھندين، جيئن ٻرندڙ تنور ۾ ساڙيو وڃي. اهو خداوند جو ئي غصو آهي جيڪو کين ڳهي ويندو. هائو، اهو باهہ جو شعلو بڻجي کين ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو.


اسان جو خدا اچي ٿو، هو ماٺ ڪري ڪين ويهندو. هن جي اڳيان ڀسم ڪندڙ باهہ آهي ۽ چوگرد وڏو طوفان اٿس.


جتي اڳ ۾ هو بي‌خوف رهندا هئا، اتي کين سخت دهشت وٺي ويندي. شڪست هنن کي خوار خراب ڪندي، ڇوجو خدا کين رد ڪيو آهي. هائو، سندس قوم جو گھيرو ڪندڙن جي هڏين کي خدا دز ڪري ڇڏيندو.


بدڪار ماڻهو ڊڄي ڀڄي ويندا آهن، توڙي جو کين ڪوبہ خطرو نہ هجي. مگر سچار ماڻهو شينهن وانگر دلير ٿا ٿين.


پر سڀني بدڪارن ۽ گنهگارن کي ناس ڪيو ويندو، ۽ جن خداوند کي ڇڏي ڏنو سي نيست وَ نابود ڪيا ويندا.


اشور جي شهنشاهہ جي ٻٽاڪن سبب خداوند، قادرِمطلق خدا، سندس ٿلهن متارن جوانن کي سزا ڏيڻ لاءِ منجھن ڳاري ڇڏيندڙ بيماريون موڪليندو. هو سندس شان وَ شوڪت جي بجاءِ، هن جي بادشاهت ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏڻ واري باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندو.


جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“


پروردگار اوهان بابت فرمائي ٿو تہ ”هي ماڻهو منهنجي عبادت جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن لفظ بي‌معنيٰ ۽ سندن دليون ڪنهن ٻئي طرف آهن. هنن جو دين انهن انساني دستورن، ۽ روايتن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ناهي، جن کي هو رڳو رواجي طور ياد ڪري ٿا ڇڏين.


آءٌ قادرِمطلق خداوند اوهان کي بچائڻ لاءِ، گجگوڙ سان، زلزلي سان، وڏي آواز سان، واچوڙي سان، طوفان سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان اچي نازل ٿيندس.


سو اي آرام طلب عورتون! اوهين خوف وچان ڏڪو. اي لاپرواهہ عورتون! اوهين ڊپ وچان ڪنبڻ لڳو. هائو، اوهين پنهنجي بدن جا ڪپڙا ڦاڙي ڦٽا ڪريو، ۽ سوڳ ڪندي کٿا ڍڪيو.


ادوم جي ندين جو پاڻي ڏامر جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندو، ان جي مٽي گندرف بڻجي ويندي، ۽ سڄو ملڪ ٽهڪندڙ ڏامر ٿي پوندو.


پر ڏس، اهي تہ پاڻ کي ئي شعلن جي پڪڙ کان ڇڏائي نہ سگھندا. اهي بُهہ جي ذرڙن وانگر ٿيندا، جن کي باهہ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. انهن جي سڙڻ سان ڪو ٽانڊو ئي نہ ٺهندو، جو ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪري سگھي. هائو، انهيءَ ۾ ڪا تپش ئي نہ رهندي، جو ڪو ماڻهو انهيءَ جي اڳيان ويهي گرمائش وٺي سگھي.


تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،


جڏهن اهي يروشلم مان ٻاهر نڪرندا تہ انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا، جن مون سان سرڪشي ڪئي هئي. انهن کي کائڻ وارا ڪينئان ڪڏهن نہ مرندا، نڪي اها باهہ وسامندي جيڪا کين ساڙيندي. اهي پوري انسانذات لاءِ قابلِ نفرت ٿيندا.“


يروشلم تي سندن حملي کان اڳ آخز بادشاهہ کي اها خبر ڏني ويئي تہ ارام ۽ اسرائيل پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي، تنهن تي آخز ۽ سندس قوم جي دل خوف وچان ائين لڏي ويئي جيئن جھنگ جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري لڏندا آهن.


پروردگار انهن جي جوانن مان ڪنهن کي بہ نہ بخشيندو، نڪي هو سندن يتيمن ۽ رنن‌زالن تي رحم ڪندو، ڇاڪاڻ تہ سڀ جو سڀ خدا کي رد ڪندڙ ۽ بدڪار آهن. هر ڪنهن جي واتان بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. انهن سڀني سزائن جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


جهڙيءَ طرح باهہ ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن کي ساڙي ٿي ڇڏي، تهڙيءَ طرح ماڻهن جي بدڪاري سندن ملڪ کي ساڙي ناس ڪري ٿي ڇڏي، هائو، اهڙي باهہ وانگر، جيڪا ٻيلي جي گھاٽن وڻن منجھہ ڀڙڪي اُٿي ٿي، ۽ جنهن جو دونهون گھاٽن ڪڪرن جي صورت ۾ مٿي چڙهي وڃي ٿو.


سو اهو قادرِمطلق خداوند جو قهر ئي آهي، جيڪو ماڻهن جي بدڪاريءَ جي ڪري ملڪ کي ساڙي ڇڏي ٿو، ۽ انهيءَ جا رهاڪو باهہ جو ٻارڻ بڻجي وڃن ٿا، ايتري قدر جو سڀ ماڻهو هڪٻئي جي خلاف ٿي وڃن ٿا.


منهنجي قوم جا گنهگار جيڪي ٻٽاڪ هڻي چون ٿا تہ ’ڪابہ آفت اسان تائين نہ پهچندي، ۽ نہ اسان کي ڪو نقصان رسائيندي،‘ سي سڀيئي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا.“


ڪير آهي جيڪو هن جي ڪاوڙ اڳيان بيهي سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي غضب کان بچي سگھي؟ هن جو غضب باهہ وانگر اچيو ڪڙڪي، ۽ ٽڪر بہ هن جي اڳيان ڀورا ڀورا ٿي پوندا آهن.


جڏهن اهو پيغمبر ظاهر ٿيندو تڏهن ڪوبہ سندس اڳيان بيهي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ تہ هو سوناري جي باهہ ۽ ڌوٻيءَ جي صابڻ وانگر آهي.


جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا پير تو کي گمراهہ ڪري تہ اهو ڪپي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻنهي هٿن يا پيرن سان ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ٽُنڊو يا منڊو ٿي دائمي زندگيءَ ۾ داخل ٿئين.


تنهن تي انهيءَ کان پڇيائين تہ ’ميان! تون شاديءَ جي ڪپڙن کان سواءِ هتي ڪيئن آيو آهين؟‘ پر هن ڪڇيو ئي ڪين.


پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ رياڪارن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس. تڏهن هو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندو.“


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو اهڙن ماڻهن کي هميشہ واري سزا ملندي، جڏهن تہ نيڪن کي دائمي زندگي.“


خداوند اوهان جو خدا، ساڙي رک ڪري ڇڏڻ واري باهہ آهي. هو غيرت وارو خدا آهي.


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري خدا کي ٿا ڄاڻين.


ڇاڪاڻ تہ اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي.


تن کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اها مئي جيڪا هن پنهنجي غضب جي پيالي ۾ بنا ڪنهن ملاوٽ جي وڌي آهي. انهن سڀني کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽڙي جي اڳيان باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.


پوءِ ابليس جنهن کين دوکو ڏنو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو، جتي پهرئين حيوان ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان کي اڇلايو ويو هو. اهي رات ڏينهن اتي هميشہ هميشہ تائين عذاب پيا سهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ