Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 33:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اوهان کي ائين ساڙيو ويندو، جيئن ڪنڊا سڙي رک ٿي ويندا آهن. هائو، اوهين تيستائين باهہ ۾ سڙندا رهندا، جيستائين اوهان جون هڏيون سڙي رک ٿي نہ وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ قومون سڙندڙ چن وانگي ٿينديون: وڍيل ڪنڊن وانگي، جي باهہ ۾ ساڙيا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 33:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي مون کي ماکيءَ جي مکين وانگر ويڙهي ويون هيون، پر ڪنڊن جي باهہ جيان اهي اک ڇنڀ ۾ ٻري سڙي ويون. هائو، خداوند جي زورآور نالي سان مون کين برباد ڪري ڇڏيو.


خدا، جيڪو بني اسرائيل جو نور آهي سو باهہ بڻجي ويندو، هائو، بني اسرائيل جو پاڪ معبود شعلو بڻجي ويندو. پوءِ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هو سندس هر شيءِ کي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن جيان ساڙي ناس ڪري ڇڏيندو.


آءٌ انگورن جي انهيءَ باغ سان اڳتي ڪاوڙ نہ ڪندس. پر منهنجي قوم کي نقصان پهچائيندڙ، جيڪي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن مثل آهن، شل اهي انهيءَ باغ ۾ وري ظاهر ٿين، تہ جيڪر آءٌ اڳتي وڌي انهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيان!


سو خداوند جو هڪڙو ملائڪ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ ڪاهي پيو ۽ اٽڪل هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. صبح جو سوير ماڻهو ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


پروردگار انهن جي جوانن مان ڪنهن کي بہ نہ بخشيندو، نڪي هو سندن يتيمن ۽ رنن‌زالن تي رحم ڪندو، ڇاڪاڻ تہ سڀ جو سڀ خدا کي رد ڪندڙ ۽ بدڪار آهن. هر ڪنهن جي واتان بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. انهن سڀني سزائن جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


جهڙيءَ طرح باهہ ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن کي ساڙي ٿي ڇڏي، تهڙيءَ طرح ماڻهن جي بدڪاري سندن ملڪ کي ساڙي ناس ڪري ٿي ڇڏي، هائو، اهڙي باهہ وانگر، جيڪا ٻيلي جي گھاٽن وڻن منجھہ ڀڙڪي اُٿي ٿي، ۽ جنهن جو دونهون گھاٽن ڪڪرن جي صورت ۾ مٿي چڙهي وڃي ٿو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”موآب ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ادوم جي بادشاهہ جا بہ هڏا ساڙي چونو بڻائي ڇڏيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ