Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 33:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اوهان جون تباهيءَ واريون ڳالهيون باهہ مثل آهن، اهڙيءَ باهہ مثل جيڪا خود اوهان کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. هائو، اوهان جا بيڪار منصوبا بُهہ جيان، ۽ اوهان جا فضول ڪم سڪل گاهہ جيان سڙي ناس ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اوهان کي بهہ جو حمل رهندو، ۽ اوهين ٻٿ ڄڻيندا: اوهان جو پساهہ باهہ آهي، جا اوهان کي کائي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 33:11
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ شرارت هنن جي پيٽ ۾ آهي، سو هو بدڪاري ئي ڄڻين ٿا. بيشڪ سندن پيٽن ۾ ٺڳي پيئي نسري.“


غير قومون ڇو بغاوت ٿيون ڪن؟ اهي ڇو اجايا منصوبا ٿيون جوڙين؟


ڏسو، بدڪارن کان ڪيئن نہ بدڪاري اڀامي ٿي نڪري، بڇڙائيءَ جو ڪُنو چاڙهي اهي ڪوڙ کي پچائي ڪڍين ٿا.


هو ٻين جي لاءِ اونهي کڏ کوٽين ٿا، پر پنهنجي کوٽيل کڏ ۾ پاڻ ئي وڃيو ڪرن ٿا.


اوهان جا زورآور بہ ڪکن ڪانن جهڙا ڪمزور ٿي ويندا، ۽ انهن جا ڪم چڻنگ مثل ٿيندا. اهي پنهنجن ڪمن سان گڏ باهہ ۾ پيا سڙندا، ۽ ڪوبہ انهيءَ کي اجھائڻ وارو ڪونہ هوندو.


هائو، غير قومون پاڻيءَ جي وڏي وهڪري وانگر ڌوڪينديون ٿيون اچن. پر خدا انهن تي عتاب نازل ڪندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون. هائو، اهي ڄڻ تيز هوا جي اڳيان جبلن جي مٽيءَ وانگر، ۽ طوفاني واچوڙي جي اڳيان بُهہ وانگر اڏامي ويندا.


هائو، اسين پيٽ سان ٿياسين، ۽ اسان کي ويم جا سور بہ ٿيا. پر اسان ڇا ڄڻيوسين؟ ڪجھہ بہ نہ. اسان ڌرتيءَ تي ڪا سوڀ نہ ماڻينسين، هائو، دنيا ۾ اسان ڪنهن تي بہ فتح حاصل نہ ڪئيسين.“


تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،


عدالت ۾ اوهين سچائيءَ سان وڪالت نہ ٿا ڪريو، نڪي وري اوهان جا دليل سچ تي ٻڌل آهن، بلڪ اوهين ڪوڙ ٿا ڳالهايو، ۽ رڳو هوائي ڳالهيون ٿا ڪريو. جيئن تہ اوهان جي دلين ۾ دغا آهي، سو اوهين ٻين کي نقصان رسائڻ جون سازشون پيا ڪريو.


پروردگار انهن جي جوانن مان ڪنهن کي بہ نہ بخشيندو، نڪي هو سندن يتيمن ۽ رنن‌زالن تي رحم ڪندو، ڇاڪاڻ تہ سڀ جو سڀ خدا کي رد ڪندڙ ۽ بدڪار آهن. هر ڪنهن جي واتان بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. انهن سڀني سزائن جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنهنجي ئي ملڪيت هئي، تيئن اها وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پئسا بہ تنهنجا ئي هئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻهن سان نہ پر خدا سان ڪوڙ ڳالهايو آهي.“


تنهن کان پوءِ اهي نفساني خواهشون وڌي گناهہ کي جنم ڏين ٿيون ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن موت پيدا ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ