Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 32:14 - Muslim Sindhi Bible

14 يروشلم جو شاهي محل پڻ اجاڙيو ويندو، ۽ وڏي آباديءَ وارو اهو شهر بلڪل ويران ڪيو ويندو. ٽڪر وارو قلعو ۽ اهي ٺُلهہ جن تي پهرو ڏنو ٿو وڃي، سي هميشہ جي لاءِ کنڊر بڻجي ويندا. اهي جھنگلي گڏهن جي جُوءِ، ۽ رڍن ٻڪرين جو چراگاهہ بڻجي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 32:14
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا.


تنهن کان پوءِ هن دائود جي شهر جي ڪوٽ کي وري تعمير ڪرايو جيڪو برساتي نهر وٽ جيحون چشمي جي اولهہ طرف کان وٺي عوفل ٽڪريءَ جي چوڌاري مڇيءَ واري دروازي تائين هو. هن انهيءَ ڪوٽ کي تمام اوچو ٺهرايو. هن يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾ فوجي سالار مقرر ڪري ڇڏيا.


۽ خداوند جي گھر جا خدمتگار جيڪي عوفل ٽڪريءَ تي رهندا هئا، تن اوڀر طرف پاڻيءَ واري دروازي ۽ ٻاهر نڪتل ٺُلهہ جي سامهون تائين ڀت جي تعمير ڪئي.


اهي ئي سڀني جھنگلي جانورن کي پاڻي مهيا ڪن ٿا، جھنگلي گڏهہ بہ تن مان اچي اڃ لاهين ٿا.


اوهان جي شهر ۾ ڇو خوشيءَ جا نعرا، گوڙ شور ۽ هل هنگامو لڳو پيو آهي، جڏهن تہ جنگ ۾ اوهان جا قتل ٿيل ماڻهو، وڙهيا ئي ڪين هئا تہ بہ مارجي ويا.


شهر ويران ۽ ناس ٿي ويندا، سڀ گھر مضبوطيءَ سان بند ڪيا ويندا، تان‌تہ انهن ۾ ڪوبہ داخل ٿي نہ سگھي.


شهرن کي ڊاهي بلڪل کنڊر بڻايو ويندو، ۽ انهن جا دروازا ڀڃي ناس ڪيا ويندا.


تو اسان جي دشمنن جي شهرن کي مٽيءَ جي دڙن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ۽ انهن جي مضبوط قلعن ۽ محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو اهي ابد تائين وري نہ اڏجي سگھندا.


هن وقت ڪوٽن وارا شهر ويران ڪيا ويا آهن. هائو، اهي ڪنهن اجڙي ويل گھر ۽ بيابان وانگر ويران ۽ سڃا ٿي ويا آهن. اهي چوپائي مال جا چراگاهہ بڻجي ويا آهن، جتي ڌڻ آرام ٿا ڪن ۽ وڻن جي ڏارن مان چرندا ٿا وتن.


شهر جا دروازا پنهنجي ويرانيءَ تي ڄڻ تہ روئندا رڙندا. هائو، يروشلم اهڙيءَ عورت وانگر ٿيندو، جيڪا اجڙي وڃي خاڪ ۾ ويٺي هجي.


پر قادرِمطلق خدا منهنجي ڪن ۾ قسم کڻي چيو تہ ”يقيناً گھڻا گھر ويران ٿيندا، هائو، وڏن ۽ عمدن گھرن ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


تڏهن مون چيو تہ ”اي پروردگار! هي ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“ هن ورندي ڏني تہ ”جيستائين شهر اجڙي وڃن، ۽ گھر ويران ٿي وڃن، ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿي وڃي.


جڏهن اهو وقت ايندو تڏهن هر باغ ۾ جتي اڳ ۾ هڪ هزار انگورن جون وليون هيون ۽ جن جي قيمت هڪ هزار چانديءَ جا سڪا هئي، اتي انهن ولين جي بجاءِ رڳو ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا هوندا.


جھنگلي گڏهہ ويران ٽڪرين تي گدڙن وانگر سهڪن ٿا پيا، گاهہ نہ ملڻ ڪري سندن نظر بہ ڪمزور ٿي ويئي آهي.


ڏسو، هن شهر جي گھرن ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي محلاتن، جيڪي ڊاهي ڍير ڪيل آهن تن بابت آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ انهن جي بچاءَ لاءِ دِڪا ڊاهڻ ۽ جنگ ڪندڙن سان وڙهڻ فضول آهي.


بابل جي بادشاهہ انهيءَ شهر ۾ هنن کي مارائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح يهوداہ وارا قيد ٿي پنهنجي ملڪ کان جلاوطن ڪيا ويا.


پر خير، ڀلي رات ڇو نہ ٿئي اسين رات جو ئي حملو ڪري سندس ڪوٽ ڪيرائي وجھنداسون.“


ائين نہ ٿئي جو سندس ڄمڻ جي وقت وانگر آءٌ کيس بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏيان، يا ائين نہ ٿئي جو آءٌ کيس بيابان جهڙو ويران ڪري ڇڏيان. هائو، آءٌ کيس ٺوٺ زمين جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ پياسو ڪري ماريانس.


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بي‌فڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.


بلڪ اهو علائقو يهوداہ جي باقي بچي ويلن جي ملڪيت ٿيندو. اتي هو پنهنجا ڌڻ چاريندا، ۽ اسقلون شهر جي ويران گھرن ۾ اچي رهندا. بيشڪ خداوند سندن خدا انهن جي سار سنڀال لهندو، ۽ هنن کي ٻيهر خوشحال ڪندو.


”جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آهي، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس تباهيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آهي.


انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ