Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 31:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ڏسو، اهو ڏينهن ايندو جڏهن اوهين پنهنجي گنهگار هٿن سان ٺاهيل سون ۽ چانديءَ وارن بتن کي کڻي اڇلائي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو انهي ڏينهن سڀڪو ماڻهو پنهنجون چانديءَ ۽ سون جون مورتون، جي اوهان جن هٿن گناهہ ڪرڻ لاءِ جوڙيون آهن، سي اُڇلائي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 31:7
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اهي انهن غير معبودن جي قربان‌گاهن ڏانهن نہ نهاريندا، جيڪي پنهنجي هٿن سان ٺاهيون اٿائون. نڪي هو انهن بت‌پرستيءَ وارين شين کي مان ڏيندا، جيڪي سندن آڱرين جوڙيون هونديون، پوءِ اهي يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا هجن يا لوبان ساڙڻ واريون قربان‌گاهون.


انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجيون سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون، جيڪي هنن پنهنجي پوڄڻ لاءِ بڻايون هيون، سي ويرانن ۾ اڇلائي ڇڏيندا، جن ۾ ڪوئا ۽ چمڙا پنهنجا گھر ڪري ويهندا.


پوءِ اوهين پنهنجي سون ۽ چانديءَ وارن بتن کي گند ڪچري جيان اڇلائي ڇڏيندا. هائو، اوهين انهن کي حيض واري ناپاڪ ڪپڙي وانگر پري اڇلائي ڇڏيندا، بلڪ اوهان جي نظر ۾ اهي پاخاني جي گند مثل هوندا.


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


تڏهن اسرائيل وارا هيئن چوندا تہ ’هاڻي اسان جو بتن سان ڪهڙو واسطو؟‘ آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس، ۽ سندن حفاظت ڪندس. آءٌ هنن لاءِ هميشہ سرسبز وڻ جهڙو ٿيندس، ۽ هو مون مان هر وقت جھجھو ڦل حاصل ڪندا.“


اسرائيل وارن پنهنجن گناهن جي ڪفاري لاءِ گھڻا ئي قربان‌گاهہ جوڙايا، پر اهي ئي قربان‌گاهہ وڌيڪ گناهن جو سبب بڻيا.


اوهين انهن جي معبودن جي تراشيل مورتين کي ساڙي ڇڏجو. جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي تنهن جي اوهين لالچ نہ ڪجو، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻجو، متان اوهين انهن ۾ ڦاسي پئو، ڇاڪاڻ تہ اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ