Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:33 - Muslim Sindhi Bible

33 خداوند قديم زماني کان ئي اشور جي شهنشاهہ کي ساڙڻ لاءِ هڪڙي جاءِ تيار ڪري رکي آهي، جنهن ۾ هو وڏو آڙاهہ ٻاري سندس لاش اڇلائيندو. آڙاهہ واري اها جاءِ بيحد اونهي ۽ ويڪري آهي، جنهن ۾ ڪاٺين جا ڍڳ لڳل آهن. خداوند جي ڦوڪ جا غضبناڪ شعلا انهيءَ ۾ باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:33
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند سدوم ۽ عموراہ تي آسمان مان گندرف جي باهہ وسائي.


يوسياہ بادشاهہ غير معبودن جي توفت نالي پوڄا گھر جيڪو هنوم جي ماٿريءَ ۾ هو، تنهن جي بہ بي‌حرمتي ڪرائي تہ جيئن اڳتي ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي مولڪ ديوتا اڳيان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش نہ ڪري سگھي.


اهي خدا جي ڦوڪ سان چٽ ٿي وڃن ٿا، هائو، سندس غضبناڪ ڦوڪ سان اهي مريو کپيو وڃن.


خدا، جيڪو بني اسرائيل جو نور آهي سو باهہ بڻجي ويندو، هائو، بني اسرائيل جو پاڪ معبود شعلو بڻجي ويندو. پوءِ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هو سندس هر شيءِ کي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن جيان ساڙي ناس ڪري ڇڏيندو.


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


انهن جو محافظ شهنشاهہ دهشت وچان ڀڄي ويندو، ۽ سندن لشڪر جا سالار اهڙا تہ ڊڄي ويندا، جو پنهنجا جنگي جھنڊا بہ اڇلائي ڀڄي نڪرندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي. انهيءَ خداوند جو، جنهن جو خوفناڪ قهر، ٻرندڙ تنور جي باهہ جيان يروشلم ۾ ٿو ڀڙڪي.


صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


ادوم جي ندين جو پاڻي ڏامر جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندو، ان جي مٽي گندرف بڻجي ويندي، ۽ سڄو ملڪ ٽهڪندڙ ڏامر ٿي پوندو.


پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجي معبود نسروڪ جي پوڄا گھر ۾ پوڄا ڪري رهيو هو تہ سندس ٻن پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس تلوار هڻي ماري وڌو ۽ اراراط جي علائقي ڏانهن ڀڄي ويا. تنهن بعد سندس ٽيون پٽ اسرحدون هن جي جاءِ تي شهنشاهہ بڻيو.


ڏسو، خداوند، جنهن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون، سو باهہ سان ايندو، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي غضب جي باهہ سان پنهنجي دشمنن کي سزا ڏئي.


سو ڄاڻي ڇڏيو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن ڪوبہ ماڻهو اڳتي هن هنڌ کي ”توفت“ يا ”هنوم ماٿري“ نہ سڏيندو، بلڪ انهيءَ کي ”ڪوس جي ماٿري“ ڪري سڏيو ويندو.


اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين مون خداوند سان پنهنجو ٻڌل عهد قائم رکو، ۽ پنهنجي دلين تان ڪٽ لاهي اڇلائي ڇڏيو. جيڪڏهن ائين نہ ڪندءُ، تہ پوءِ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي، ۽ اها اهڙي تہ ڀڙڪي اٿندي جو ڪوبہ ان کي وسائي نہ سگھندو.“


آءٌ تو تي پنهنجو غضب نازل ڪندس، ۽ پنهنجي قهر جي باهہ تو تي ڀڙڪائيندس. آءٌ تو کي ظالم ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، جيڪي ماري چٽ ڪرڻ ۾ ماهر آهن.


سو شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو. هو پاڻ کي پڏائيندو ۽ هر معبود کان پاڻ کي وڏو چوائيندو ۽ تڪبر وچان معبودن جي معبود خدا بابت ڪفر بڪندو. هو تيستائين ڪامياب رهندو، جيستائين مٿس خدا جو غضب اچي نہ ڪڙڪي. بيشڪ جيڪي مقرر ڪيو ويو آهي، سو ضرور ٿيندو.


سندس حضور مان تجلو باهہ واري نهر جي صورت ۾ وهي ٿي نڪتو. هزارين هزار، بلڪ لکين لک ماڻهو، خدمت چاڪريءَ لاءِ سندس حضور ۾ بيٺا هئا. تڏهن عدالت شروع ٿي ويئي ۽ ڪتاب کوليا ويا.


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


تہ اهي بہ هڪدم ٻيڙيءَ ۽ پنهنجي پيءُ کي ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا.


خداوند اوهان جو خدا، ساڙي رک ڪري ڇڏڻ واري باهہ آهي. هو غيرت وارو خدا آهي.


عيسيٰ مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ ابد تائين ساڳيو ئي آهي.


جيتوڻيڪ اوهان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس ايمان آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ عظمت سان ڀرپور آهي،


منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پاڪ ڪلام مطابق قديم زماني کان گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌دين ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي خدا جي فضل کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند، يعني عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ