Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:32 - Muslim Sindhi Bible

32 خداوند جيئن جيئن لٺ سان انهن کي ڌڪ هڻندو، تيئن تيئن سندس قوم دڦ ۽ سارنگيءَ تي هٿ هڻندي اهي وڄائيندي. خدا پنهنجي زورآور هٿ سان اشورين جي خلاف سخت جنگ وڙهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 جيڪا مقرر ڪيل لٺ خداوند هن کي هڻندو، تنهنجي هر هڪ ڌڪ سان دف ۽ بربط وڄندا: ۽ سخت لڙاين سان هو انهن سان وڙهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:32
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو تون لڪي ڀڳين، مون سان ٺڳي ڪيئِہ ۽ مون کي نہ ٻڌايُئِہ؟ آءٌ جيڪر تو کي کل خوشيءَ سان، راڳن روپن ۽ دهلن دمامن سان روانو ڪريان ها.


هنن سان رڳو انساني بازو آهن پر جنگ وڙهڻ ۾ اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ خداوند اسان جو خدا اسان سان گڏ آهي.“ بادشاهہ جي انهن لفظن ماڻهن جي ڏاڍي همت‌افزائي ڪئي.


آءٌ آرام ۾ هئس، پر خدا مون کي چٿي ڇڏيو آهي، هائو، هن مون کي ڳچيءَ کان پڪڙي اڇلائي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو آهي. هن مون کي پنهنجو نشانو بڻايو آهي،


هاڻي خداوند، قادرِمطلق خدا يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! جيڪي صيئون جبل تي رهو ٿا، اوهين اشور وارن کان نہ ڊڄو، توڙي جو اهي لڪڻ يا لٺ سان اوهان تي ظلم ڪن، جيئن مصر وارا ڪندا هئا.


آءٌ قادرِمطلق خداوند انهن تي هڪڙو چهبڪ کڻندس، جيئن عوريب جي ٽڪر تي مديان جي خونريزيءَ وقت کنيو هئم. هائو، آءٌ پنهنجي لٺ ائين ئي کڻندس جيئن مصر ۾ سمنڊ جي مٿان کنئي هئم.


خداوند مصر واري ڳاڙهي سمنڊ کي سڪائي خشڪ ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان فرات نديءَ تي اُلر ڪندو، ۽ انهيءَ کي ستن ننڍڙين واهين ۾ ورهائي ڇڏيندو، جن مان ماڻهو جتيءَ سان پار لنگھي سگھندا.


جڏهن خداوند قادرِمطلق پنهنجي زورآور هٿ سان مصرين کي سزا ڏيندو، تڏهن اهي ڊپ وچان ڏڪندا ۽ کين دهشت وٺي ويندي. هائو، اهي عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پوندا.


جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن ماڻهو سندس جلال جي تجليءَ ۽ غضب کان ڊڄي پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا.


ڏسو، خداوند ڌرتيءَ کي خالي ۽ ويران ڪرڻ وارو آهي. هو انهيءَ کي اٿلائي اونڌو ڪندو، ۽ ان جي رهاڪن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو.


دڦن ۽ سارنگين جا خوشين ڀريا آواز بلڪل بند ٿي ويندا، هائو، شادمانا ڪندڙن جا آواز ختم ٿي ويندا.


ان وقت اوهين اي خدا جي قوم! ائين خوشيءَ جا گيت ڳائيندا، جيئن عيد جي رات گيت ڳائبا آهن. اوهان جي دل ايتري تہ خوش هوندي، جيتري انهن ماڻهن جي جيڪي بانسرين جي آواز پٺيان بني اسرائيل جي محافظ خداوند جي هيڪل ڏانهن جبل تي چڙهندا ويندا هجن.


خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”جهڙيءَ طرح ڌنار ڪيتريون بہ رڙيون ڪن تان‌تہ شينهن کي سندس شڪار کان ڀڄائي ڪڍن، پر اهو پنهنجي شڪار تي بيهي گجڪار ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح صيئون جبل وارن جي حفاظت ڪرڻ کان مون قادرِمطلق خداوند کي ڪوبہ ڀڄائي نہ ٿو سگھي.


آءٌ اوهان کي وري بحال ڪندس ۽ اوهين خوشحال ٿيندا. تڏهن اوهان اڳي وانگر پنهنجا دڦ کڻي خوشيءَ وچان نچندا ٽپندا.


تون منهنجي باغِ عدن ۾ رهندو هئين. هر قسم جا قيمتي پٿر تنهنجي پوشاڪ جي زينت لاءِ، يعني لعل، پکراج ۽ هيرا، فيروزا، سليماني پٿر ۽ زبرجد، نيلم، زمرد ۽ شب‌چراغ چونڊيا ويا هئا. انهن سڀني کي سون ۾ ٻڙي جيان جڙي ٺاهي تنهنجي پيدائش واري ڏينهن ئي تيار ڪيا ويا هئا.


جڏهن آءٌ انهن جي آڏو تو تي پنهنجي تلوار چمڪائيندس، تڏهن گھڻيون ئي قومون تو تي حيران ٿي وينديون، بلڪ سندن بادشاهن جي بہ لونءَ ڪانڊارجي ويندي. هائو، اهي تنهنجي ڪِرڻ واري ڏينهن تي هر گھڙيءَ پيا ڏڪندا ۽ ڪنبندا، متان انهن کي بہ نہ قتل ڪيو وڃي.


انهيءَ هستيءَ جڏهن سينا جبل تان ڳالهايو هو تہ زمين لڏي ويئي هئي. پر هاڻي هن فرمايو آهي تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ آءٌ نہ رڳو زمين کي، بلڪ آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“


انهيءَ کان پوءِ تون خدا واري جِبعت شهر ڏانهن چڙهي وڃجانءِ، جتي فلستي سپاهين جو پهرو آهي. جڏهن تون اتي شهر ۾ داخل ٿيندين تڏهن تو کي نبين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جيڪا سُرندو، دڦ، بانسري ۽ دنبورو وڄائيندي انهيءَ ٽڪر واري عبادت‌گاهہ کان هيٺ لهندي ايندي هوندي ۽ اهي خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ايندا هوندا.


دائود جي فلستي جالوت کي قتل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن لشڪر پنهنجي گھرن ڏانهن واپس اچي رهيو هو، تڏهن بني اسرائيل جي سڀني شهرن مان عورتون خوشيءَ جا گيت ڳائينديون، نچنديون ۽ دڦ ۽ تار وارا ساز وڄائينديون سائول بادشاهہ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ