هاڻي خداوند، قادرِمطلق خدا يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! جيڪي صيئون جبل تي رهو ٿا، اوهين اشور وارن کان نہ ڊڄو، توڙي جو اهي لڪڻ يا لٺ سان اوهان تي ظلم ڪن، جيئن مصر وارا ڪندا هئا.
آءٌ قادرِمطلق خداوند انهن تي هڪڙو چهبڪ کڻندس، جيئن عوريب جي ٽڪر تي مديان جي خونريزيءَ وقت کنيو هئم. هائو، آءٌ پنهنجي لٺ ائين ئي کڻندس جيئن مصر ۾ سمنڊ جي مٿان کنئي هئم.
بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.
تڏهن اشوري جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، پر انساني طاقت سان نہ. هائو، اهي لڙائيءَ ۾ ماڻهن جي هٿان نہ ماريا ويندا. هو جنگ کان ڀڄندا رهندا، پر سندن نوجوانن کي پڪڙي غلام بڻايو ويندو.
انهيءَ سبب جو سندن بار واري پاڃاريءَ کي، سندن ڪلهن تي وسائڻ واري لٺ کي، هائو، تون پنهنجي قوم تي ظلم ڪندڙ دشمنن جي لڪڻ کي ڀڃي ڇڏيندين، جيئن تو مديانن جي شڪست واري ڏينهن ڪيو.