Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:30 - Muslim Sindhi Bible

30 انهيءَ سبب جو جڏهن خداوند جوش ۾ ايندو تڏهن سندس جلال وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ سندس هٿ ڌڪ هڻندي ڏسڻ ۾ ايندو. هائو، هن جو سخت قهر ساڙي رک ڪندڙ باهہ جي شعلن جي صورت ۾ ٻوڏ، طوفان ۽ ڳڙن سان اچي اشورين تي ڪڙڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:30
50 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلا، ڇا تون برف جي گدامن ۾ داخل ٿيو آهين؟ يا تو ڳڙن جا گدام ڏٺا آهن؟


جيڪي مون مصيبت نازل ڪرڻ لاءِ سانڍي رکي ڇڏيا آهن، هائو، جڏهن ماڻهو لڙايون ۽ جنگيون ڪن ٿا، تنهن وقت سندن مٿان وسائڻ لاءِ مون رکي ڇڏيا آهن.


ڇا تنهنجي بازن ۾ مون خدا جهڙي طاقت آهي؟ ڇا تون منهنجي آواز وانگر گجگوڙ ڪري ٿو سگھين؟


پوءِ هو انهن تي ڪاوڙجي کين ڇينڀ ٿو ڪڍي، هو پنهنجي سخت قهر وچان انهن منجھہ دهشت ٿو وجھي.


جڏهن خدا جو آواز گونجي ٿو، تڏهن قومن ۾ دهشت اچي پوي ٿي، بادشاهتن ۾ لوڏو اچي ٿو ۽ زمين ڳري وڃي ٿي.


اوهين خداوند جي لاءِ ڪو نئون گيت ڳايو، ڇوجو هن عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريا آهن. هن پنهنجي زورآور هٿ، هائو، پنهنجي الاهي قدرت سان فتح حاصل ڪئي آهي.


هائو، انهن سڀني تي خوف ۽ دهشت اچي ڪڙڪي. تنهنجي قدرت جي حشمت ڏسي اهي پٿر جا بت بڻجي ويا، جيستائين اي خداوند! تنهنجي ڇڏايل قوم وٽانئن لنگھي نہ ويئي.


سو موسيٰ پنهنجي لٺ آسمان ڏانهن بلند ڪئي تہ خداوند گجگوڙ ۽ ڳڙا موڪليا. زمين تي وڄ ڪرڻ لڳي ۽ مصر جي ملڪ تي


سخت ڳڙا وسڻ شروع ٿيا، جن سان گڏ وڄ جا ڀڙڪندڙ شعلا بہ هئا. ڳڙا اهڙا تہ بدترين هئا جو مصر جي آباد ٿيڻ کان وٺي ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن ڪين وسيا هئا.


اشور جي شهنشاهہ جي ٻٽاڪن سبب خداوند، قادرِمطلق خدا، سندس ٿلهن متارن جوانن کي سزا ڏيڻ لاءِ منجھن ڳاري ڇڏيندڙ بيماريون موڪليندو. هو سندس شان وَ شوڪت جي بجاءِ، هن جي بادشاهت ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏڻ واري باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندو.


آءٌ قادرِمطلق خداوند انهن تي هڪڙو چهبڪ کڻندس، جيئن عوريب جي ٽڪر تي مديان جي خونريزيءَ وقت کنيو هئم. هائو، آءٌ پنهنجي لٺ ائين ئي کڻندس جيئن مصر ۾ سمنڊ جي مٿان کنئي هئم.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اشور قوم لاءِ! جيڪا منهنجي لٺ مثل آهي، جنهن سان آءٌ انهن کي سزا ٿو ڏيان جن تي آءٌ ڪاوڙ ٿو ڪريان.


ياد رکو، پروردگار وٽ هڪڙو اهڙو طاقتور ۽ زبردست شخص موجود آهي، جيڪو ڳڙن واري طوفان، برباد ڪندڙ واچوڙن، ۽ ٻوڏ جي جھجھي پاڻيءَ جي وهڪري وانگر سامريہ وارن کي زور سان ڌرتيءَ تي اڇلائي وجھندو.


آءٌ قادرِمطلق خداوند اوهان کي بچائڻ لاءِ، گجگوڙ سان، زلزلي سان، وڏي آواز سان، واچوڙي سان، طوفان سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان اچي نازل ٿيندس.


ان وقت اوهين اي خدا جي قوم! ائين خوشيءَ جا گيت ڳائيندا، جيئن عيد جي رات گيت ڳائبا آهن. اوهان جي دل ايتري تہ خوش هوندي، جيتري انهن ماڻهن جي جيڪي بانسرين جي آواز پٺيان بني اسرائيل جي محافظ خداوند جي هيڪل ڏانهن جبل تي چڙهندا ويندا هجن.


خداوند جي آواز ٻڌڻ سان ۽ سندس لٺ جي ڊپ کان اشورين کي دهشت وٺي ويندي.


خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”جهڙيءَ طرح ڌنار ڪيتريون بہ رڙيون ڪن تان‌تہ شينهن کي سندس شڪار کان ڀڄائي ڪڍن، پر اهو پنهنجي شڪار تي بيهي گجڪار ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح صيئون جبل وارن جي حفاظت ڪرڻ کان مون قادرِمطلق خداوند کي ڪوبہ ڀڄائي نہ ٿو سگھي.


پر اڳ مصيبت جي وقت جڏهن ڳڙا وسيا هوندا، ۽ ٻيلن ۽ شهرن کي چپي ڇڏيو هوندائون،


صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


سندس جلوو ڏينهن جي وقت گرميءَ کان ڇانوَ ڪندو ۽ آنڌيءَ ۽ برسات ۾ ڍڪ ۽ پناهہ ثابت ٿيندو.


اي خداوند! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، زور وٺ ۽ ڪجھہ ڪري ڏيکار. هائو، جاڳ ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪري ڏيکار، جيڪو تو گذريل ڏينهن ۾ ۽ قديم زمانن ۾ پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيو هو. ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو هو؟ هائو، تو ئي ازدها نانگ کي چچري ڇڏيو هو.


خداوند سڀني قومن کي پنهنجي زور واري طاقت ڏيکارڻ وارو آهي. هاڻي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ڪو ماڻهو اسان جي خدا جي بچائڻ واري قدرت ڏسندو.


خداوند پنهنجي زورآور هٿ جي قدرت جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي تہ ”اڳتي آءٌ اوهان جو اناج اوهان جي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس، نڪي اوهان جي مئي ڌارين کي پيئڻ ڏيندس، جنهن لاءِ اوهان محنت ڪئي آهي.


ڏسو، خداوند، جنهن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون، سو باهہ سان ايندو، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي غضب جي باهہ سان پنهنجي دشمنن کي سزا ڏئي.


هو پنهنجي باهہ ۽ تلوار سان دنيا جي هر ڏوهاري ماڻهوءَ کي سزا ڏيندو. هائو، گھڻن ئي کي قتل ڪيو ويندو.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، مصيبت هڪڙيءَ قوم کان ٻي قوم تائين پکڙبي ٿي وڃي. هائو، اها ڌرتيءَ جي ڏورانهن ڇيڙن کان هڪڙي وڏي طوفان وانگر پکڙبي ٿي اچي.“


پردار آسماني مخلوق جي پرن جو آواز ايڏو تہ وڏو هو جو ڄڻ قادرِمطلق خدا جي ڳالهائڻ جو آواز هجي. اهو آواز ٻاهرين اڱڻ تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اهو بلڪل ائين ئي ٿيندو. اها ڀت يروشلم شهر آهي، جنهن کي آءٌ پنهنجي غضب وچان سخت طوفان موڪلي ۽ پنهنجي قهر مان تمام زوردار برساتون ۽ غضبناڪ ڳڙا موڪلي ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيندس.


اهي جبلن جي چوٽين تي ائين گجگوڙ ڪندا، جيئن جنگي گھوڙي گاڏيون کڙڪاٽ ڪنديون آهن، يا جيئن ڪو طاقتور لشڪر جنگ ڪرڻ لاءِ صفون ٻڌي تيار هجي. اهي جھنگ جي انهيءَ باهہ وانگر آهن، جيڪا ڪک ڪانا ساڙي چٽ ڪري ٿي ڇڏي.


تنهنڪري آءٌ ربہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ ڀڙڪائيندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني کي جنگ جي ڏينهن تي طوفاني واچوڙن وانگر للڪار ڪندي برباد ڪري ڇڏيندي.


پوءِ سندس پيرن جي بار ڪري جبل ائين رجي ويندا، جيئن باهہ ۾ ميڻ رجيو وڃي. جبلن جي رجڻ سان ائين گھارا بڻجي ويندا، جيئن جبلن تان پاڻيءَ جي وهڻ ڪري بڻبا آهن.


قوم قوم سان وڙهندي ۽ بادشاهت بادشاهت تي چڙهائي ڪندي. گھڻن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.


هن پنهنجي ٻانهُن جو زور ڏيکاريو آهي، ۽ جيڪي پنهنجين دلين ۾ غرور ٿا ڪن، تن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو اٿس.


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري خدا کي ٿا ڄاڻين.


خداوند انهن کي بني اسرائيل جي اڳيان مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو ۽ جِبعون وٽ کين وڏي شڪست ڏنائين. بني اسرائيل بيت‌حورون شهر جي لنگھہ وٽان ويندي هنن جو پيڇو ڪيو ۽ ڏکڻ طرف عزيقاہ ۽ مقيدہ شهرن تائين کين ماريندا ويا.


جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان بيت‌حورون جي لنگھہ وٽان ڀڄندا ٿي ويا تيئن سڄي واٽ عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا برف جا پٿر ڪيريندو رهيو. بني اسرائيل جي تلوار سان مرڻ وارن کان وڌيڪ ماڻهو انهن ڳڙن سان مئا.


انهيءَ جا پير صاف پتل جهڙا هئا جيڪو ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل هجي. سندس آواز زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو هو.


پوءِ خدا جي هيڪل جيڪا آسمان ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس عهد واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


جڏهن سموئيل ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري رهيو هو، تڏهن فلستي بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويجھا آيا. پوءِ خداوند انهيءَ ئي مهل ايڏي تہ وڏي گجگوڙ سان فلستين تي گجيو، جو انهن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ اهي پٺي ڏيئي وٺي ڀڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ