يسعياہ 30:29 - Muslim Sindhi Bible29 ان وقت اوهين اي خدا جي قوم! ائين خوشيءَ جا گيت ڳائيندا، جيئن عيد جي رات گيت ڳائبا آهن. اوهان جي دل ايتري تہ خوش هوندي، جيتري انهن ماڻهن جي جيڪي بانسرين جي آواز پٺيان بني اسرائيل جي محافظ خداوند جي هيڪل ڏانهن جبل تي چڙهندا ويندا هجن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible29 جيئن عيد جي رات گيت ڳائبا آهن، تيئن اوهين گيت ڳائيندا؛ ۽ جيئن ڪو ماڻهو بانسري وڄائيندي خداوند جي جبل تي، يعني اسرائيل جي ٽڪر تي ويندو آهي تيئن اوهين دل ۾ خوش ٿيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تانتہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“