Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:15 - Muslim Sindhi Bible

15 خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود کين اهو بہ ٿو فرمائي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا، ۽ اطمينان رکندي مون تي ڀروسو ڪندا تہ اوهين بچي ويندا. هائو، بي‌فڪري ۽ توڪل ۾ ئي اوهان جي مضبوطي آهي.“ پر اوهان ائين ڪرڻ نہ گھريو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو خداوند خدا، اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ موٽي اچڻ ۽ صبر ۾ رهڻ ڪري اوهان جي سلامتي آهي، خاموشيءَ ۽ ڀروسي ۾ اوهان جي طاقت آهي: پر اوهان ائين ڪرڻ نہ گهريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:15
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنگ ۾ خدا جي مدد ساڻن هئي، سو خدا سڀني هاجرين ۽ انهن جي اتحادين کي سندن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ دوران هنن خدا کي ٻاڏايو. خدا سندن دعا ٻڌي، ڇاڪاڻ تہ هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.


ڇا سوڊان ۽ لبيا جي ماڻهن جو لشڪر بي‌شمار گاڏين ۽ گھوڙي سوارن سميت تمام وڏو لشڪر نہ هو؟ انهيءَ هوندي بہ تو جڏهن خداوند تي ڀروسو ڪيو هو تڏهن هن اهي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا هئا.


هنن سان رڳو انساني بازو آهن پر جنگ وڙهڻ ۾ اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ خداوند اسان جو خدا اسان سان گڏ آهي.“ بادشاهہ جي انهن لفظن ماڻهن جي ڏاڍي همت‌افزائي ڪئي.


خداوند مون تي ايڏو تہ احسان ڪيو آهي، جو مون کي وري ڪابہ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي.


خداوند اوهان جي طرفان پاڻ جنگ ڪندو. اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو.“


هن تہ اوهان سان پوري امن وَ سلامتيءَ، ۽ آرام وَ سڪون جو واعدو ٿي ڪيو، پر اوهان سندس هڪ بہ نہ ٻڌي.


اوهين پيغام ٻڌائڻ جي رستي کان هٽي پري ٿيو، هائو، انهيءَ راهہ کان بلڪل هٽي وڃو. اوهان جو بني اسرائيل وارو پاڪ معبود جيڪي چوي ٿو، سو اسين ٻڌڻ نہ ٿا چاهيون.‘“


هائو، انهيءَ مصري قوم جي مدد اجائي ۽ بي‌فائدي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون مصر کي ’لاچار ازدها‘ سڏيو آهي.“


جيئن تہ هر ڪو سچائيءَ وارا ڪم ڪرڻ لڳندو، تنهنڪري هميشہ جي لاءِ سلامتي ۽ آرام وَ اطمينان ٿي ويندو.


هائو، تڏهن اسان جي قوم ڳڻتين کان آزاد ٿي ويندي، ۽ پنهنجي گھرن ۾ امن وَ سلامتيءَ ۽ آرام وَ آسائش جي زندگي گذاريندي.


مگر جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن، سي نئين سر طاقت حاصل ڪندا. اهي عقابن وانگر پرن سان اوچائيءَ تي اڏامندا. اهي ڊوڙندا، ليڪن ٿڪبا ڪين، اهي هلندا، ليڪن ماندا ڪين ٿيندا.


ڀلا اوهان بني يعقوب کي لٽ جو مال بڻائڻ وارو ڪير هو؟ هائو، ڪنهن اوهان بني اسرائيل وارن کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ بيشڪ اهو سڀ خداوند ئي ڪيو، جنهن جو اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس واٽ تي اسان هلڻ نہ گھريو، ۽ سندس شريعت جي تابعداري نہ ڪئي سون.


اي ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪؤ! اوهين سڀ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ امن وَ سلامتي حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ڪو ٻيو ڪونهي.


اتي تون کيس چئُہ تہ ’سنڀالي هل، حوصلو رک ۽ رضين، سندس ارامي فوج ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ جي مخالفت کان نہ ڊڄ. تنهنجي خلاف هنن جي ڪاوڙ ڄڻ تہ رڳو دونهون ڪڍندڙ انهن ٻن اُماڙين جيان آهي، جيڪي وسامڻ تي آهن. سو تون هنن کان نہ گھٻراءِ.


هن دعوتين ڏانهن پنهنجا نوڪر موڪليا تہ هو دعوت تي اچن، پر اهي اچڻ نہ پيا گھرن.


”يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.


يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.


تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ.


خبردار! انهيءَ هستيءَ جي فرمان جو انڪار نہ ڪجو جيڪو هن وقت ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل وارا، جن زمين تي ڏنل سندس فرمان جو انڪار ڪيو هو سي بچي نہ سگھيا. تہ پوءِ آسمان مان آيل سندس فرمان جو جيڪڏهن اسين انڪار ڪنداسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ