Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تنهنڪري اوهان جي اها بڇڙائي اوهان جي قوم لاءِ اهڙي ثابت ٿيندي، جيئن ڪنهن وڏي ڀت ۾ ڏار پئجي وڃي، ۽ اها پاسي تي لڙي وڃي، ۽ پوءِ اها اوچتو ئي اوچتو هڪ لحظي ۾ ڪري ناس ٿي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تنهن ڪري هيءَ بڇڙائي اوهان لاءِ اهڙي ٿيندي جهڙي ڦاٽل ڀت جا ڪِرڻ تي هجي، يا وڏي ڀت جنهن جو پيٽ ٻاهر نڪتل هجي، جا هڪڙي ئي لحظي ۾ اوچتو ئي اوچتو ڀڄي ڪري پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:13
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي ٻيا جيڪي بچيا سي افيق شهر ۾ اندر ڀڄي ويا جتي انهن بچي ويلن مان ستاويهہ هزار ماڻهن مٿان ڀت ڪري پيئي. بن‌هدد پڻ شهر ۾ ڀڄي هڪڙي گھر جي اندرين ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪو.


سو خبردار، متان تنهنجو غصو تو کي وڌيڪ گمراهہ نہ ڪري ڇڏي، يا ناجائز دولت ميڙي سدائين قائم رهڻ واري تنهنجي سوچ تو کي ٻوڙي نہ ڇڏي.


اي دشمنؤ! اوهين ڪيستائين مون جهڙي ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ گڏجي حملو ڪندا رهندا؟ هائو، آءٌ جيڪو ڳريل ڀت وانگر جھڪيل رهان ٿو، ۽ لڏندڙ ڪنڌيءَ جيان ڪمزور آهيان.


اوهين رڳو اهو ئي ٿا چاهيو، تہ جيئن مون کي مرتبي کان ڪيرايو. سو اوهين ڪوڙ ڳالهائڻ کي پسند ٿا ڪريو. اوهين زبان سان تہ دعا ڪريو ٿا پر دل ۾ لعنت ٿا ڪريو.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


انهيءَ ڪري اوچتو ئي اوچتو مٿن آفت اچي ڪڙڪندي ۽ اهي ڀڄي ڀُري ويندا. سندن زخم لاعلاج هوندا.


تڏهن قادرِمطلق خداوند پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي مون کي فرمايو تہ ”يقيناً جيستائين هي جيئرا آهن، تيستائين هنن جون اهي بڇڙايون هرگز معاف نہ ڪيون وينديون. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“


ڏسو، خداوند پنهنجي عرش عظيم کان لهي اچڻ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏئي. ان وقت ڌرتيءَ تي ٿيل خونن جو حساب ڪتاب ورتو ويندو، ۽ تڏهن ڌرتي ڪنهن بہ خون کي نہ لڪائيندي.


پر اي يروشلم وارؤ! اوهان جي دشمنن جو ڪٽڪ ناس ٿي سنهيءَ دز وانگر ٿي ويندو. هائو، اهو خوفناڪ لشڪر طوفان ۾ اُڏامندڙ بُهہ وانگر غائب ٿي ويندو. انهيءَ سبب جو هڪ لحظي ۾ ۽ اوچتو ئي اوچتو


انهيءَ ڏينهن جڏهن خداوند پنهنجيءَ قوم جي ڦٽن تي پٽي ٻڌندو ۽ سندن ڌڪن جا زخم ڇٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي پُر نور ٿيندي.


تنهنڪري تو تي آفت ايندي، جنهن کي تون ڪنهن بہ جادوءَ سان هٽائي نہ سگھندينءَ. هائو، تو تي اهڙي تہ مصيبت اچي ڪڙڪندي، جو تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگھندينءَ. اوچتو ئي اوچتو تو مٿان تباهي اچي نازل ٿيندي، جنهن بابت تو ڪڏهن سوچيو ئي نہ هوندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون گھڻو اڳي ئي مستقبل ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت اڳڪٿي ڪئي هئي. هائو، اهي مون ئي چيون هيون، ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو مون انهن کي عمل ۾ آندو، ۽ اهي پوريون ٿيون.


اوهين زمانن کان ويران پيل اهي جايون وري جوڙيندا، جيڪي ڪيترين ئي پيڙهين کان ويران رهنديون اچن. سو اوهين ’ڊٺل ديوارن کي وري اڏيندڙ‘ ۽ ’برباد ٿيل گھرن جي مرمت ڪندڙ‘ جي نالن سان ڄاتا ويندا.“


هائو، آءٌ خود سندن بدڪارين، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو بدلو گڏي ڏيندس. هنن سڀني جبل وارين غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ سندن لاءِ قربانيون پيش ٿي ڪيون، ۽ ٽڪرين تي منهنجي خلاف بڪواس پئي ڪئي. سو آءٌ هنن کي سندن ڪيل ڪمن مطابق سزا ڏيندس.“


ان گھر تي مينهن ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تہ گھر ڪري پيو ۽ تباهہ ٿي ويو.“


پر جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ رکڻ کان سواءِ گھر اڏايو ۽ جڏهن ٻوڏ آئي ۽ ان کي سٽ ڏنائين تہ اهو ڦَهہ ڪري ڪري پيو ۽ تباهہ وَ برباد ٿي ويو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ