Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 3:24 - Muslim Sindhi Bible

24 انهن عورتن لاءِ خوشبوءِ جي بدران بدبوءِ هوندي، ڪمربند جي بجاءِ رسو هوندن، سينگاريل وارن جي بدران گنجو مٿو هوندن، عمدين پوشاڪن جي بجاءِ کٿو هوندن، ۽ سونهن جي بجاءِ منهن تي داغ هوندن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ هيئن ٿيندو تہ خوشبودار مصالحن جي عيوض گندگي ٿيندي؛ ۽ ڪمر بند جي عيوض رسو ٿيندو؛ ۽ سينگاريل وارن جي عيوض گنجائي؛ ۽ سينہ بند جي عيوض کٿو ٿيندا: سونهن جي عيوض ڏنڀ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 3:24
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنهن بہ ڇوڪريءَ جي شهنشاهہ وٽ حاضر ٿيڻ کان اڳ ۾ هن کي ٻارهن مهينا هار سينگار لاءِ ڏنا ويا. اهي هن طرح جو هر هڪ ڇوڪريءَ کي ڇهہ مهينا مُر جو تيل مهٽڻو هو ۽ ڇهہ مهينا مختلف قسم جي خوشبوءِ هڻڻ ۽ ٻيا هار سينگار ڪرڻا هئا.


مون روئندي رڙندي پنهنجي بدن تي کٿو ڍڪيو آهي، آءٌ شڪست کائي اچي مٽيءَ ۾ ڪريو آهيان.


هوءَ عمدي سڻيءَ جون چادرون ۽ ڪمربند ٺاهي ٿي، ۽ اهي واپارين کي وڪڻي ٿي.


مون پنهنجي بستري کي مُر، عود ۽ دالچينيءَ جي خوشبوءِ سان معطر ڪري ڇڏيو آهي.


سو ديبون شهر جا رهاڪو ٽڪر تي ٺهيل پنهنجي معبودن جي پوڄا گھرن ۾ وڃي روئڻ پٽڻ لڳا، بلڪ سڄي موآب ملڪ جا ماڻهو پنهنجي شهرن نبو ۽ ميدبا تي واءِ‌ويلا ٿا ڪن. سوڳ وچان سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀني جون ڏاڙهيون ڪتريل آهن.


هو گھٽين ۾ پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌيو پيا گھمن. هو سڀ پنهنجن گھرن جي ڇتين تي ۽ چونڪن ۾ واءِ‌ويلا ڪندي روئندا رڙندا ٿا وتن.


انهيءَ وقت خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.


ڄاريءَ واريون قميصون، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو، سربند ۽ سنها نقاب.


انهيءَ سبب جو ان وقت پروردگار يروشلم جي سڀني رهاڪن جا گناهہ ڌوئي ڇڏيندو. بيشڪ هو پنهنجي جلال واري باهہ ۾ تپائي يروشلم کي هر ڪنهن خون ۽ بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪندو.


تون پاڻ کي زيتون جو تيل ۽ هر قسم جون سرهاڻيون مکي مولڪ ديوتا وٽ ويندي رهي آهين. تو اهڙن ٻين بہ يارن جي ڳولا لاءِ پري پري تائين ماڻهو موڪليا، هائو، تو غير معبودن جي ڳولا لاءِ پاتال تائين پئي ماڻهو موڪليا آهن.


انهيءَ ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو، روئو رڙو ۽ واءِ‌ويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اسان يهوداہ وارن تان ٽري ناهي.


موآب جي سڀني گھرن جي ڇتين تي ۽ ان جي سڀني چونڪن تي ماتم متل هوندو. انهيءَ ڪري هر مٿو ڪوڙيل هوندو ۽ هر ڪا ڏاڙهي ڪتريل هوندي. هر ڪنهن پنهنجي هٿن کي زخمي ڪيو هوندو ۽ پنهنجي چيلهہ تي کٿو ڍڪيو هوندو. انهيءَ سبب جو آءٌ موآب کي ردي ٿانو وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هوندو.


جڏهن دشمن اچي عمونين جي ڳوٺ عئيءَ کي تباهہ ڪندا، تڏهن اي حشبون وارؤ! اوهين واءِ‌ويلا مچائيندا. اي ربہ جا رهاڪؤ! اوهين بہ رڙيون ڪري روئندا، کٿا ڍڪيندا ۽ سوڳ ڪندا. اوهين ڊپ وچان ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو معبود مولڪ پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ سڀني عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! کٿا ڍڪيو، ۽ خاڪ تي ليٿڙيون پايو، زاروزار روئو ۽ رڙو، جيئن ڪنهن سڪيلڌي پٽ لاءِ روئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ تباهہ ڪندڙ اوچتو اچي اوهان تي ڪڙڪندو.“


پياري يروشلم جا سڀيئي ماڻهو، پوڙها مرد توڙي نوجوان ڇوڪريون، ڌرتيءَ تي خاڪ ۾ ماٺ ڪيو ويٺا آهن. اهي پنهنجي مٿن ۾ مٽي ٿا وجھن، ۽ پنهنجي بدن تي کٿا ڍڪيا اٿائون. اهي ايترو تہ بي‌حال ٿي پيا آهن جو سندن مٿا وڃي زمين سان لڳا آهن.


تنهنجي ڪري هنن وار ڪوڙايا آهن، ۽ پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا اٿائون. هو تنهنجي ارمان ۾ درد وچان روئندي رڙندي تو لاءِ ڏاڍو ماتم ٿا ڪن.


سو اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ائين روئو رڙو، جيئن ڪا ڪنوار پنهنجي گھوٽ جي مرڻ تي کٿو ڍڪي روئندي رڙندي آهي.


تہ آءٌ اوهان سان هيئن ڪندس جو اوهان تي دهشت ۽ اهڙيون بيماريون ۽ تپ نازل ڪندس، جيڪي اوهان جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيندا ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندا. اوهان جو ٻج پوکڻ اجايو ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جو فصل اوهان جا دشمن کائيندا.


آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.


اي يروشلم جي پياري وسندي! جيئن ماڻهو ڏک جو اظهار ڪرڻ خاطر پنهنجا مٿا ڪوڙائي ڳجھہ وانگر بلڪل گنجا ٿين ٿا، تيئن تون بہ پنهنجي ملڪ جي رهاڪن لاءِ روڄ راڙو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي تو کان کسي جلاوطن ڪيا ويندا.


خداوند اوهان کي سلهہ، بخار ۽ سوزش سان، اوهان جي زمين کي ساڙيندڙ جھولي ۽ خشڪ‌ساليءَ سان ۽ اوهان جي گھرن کي رتيءَ ۽ سينور جي مرض سان سٽي وجھندو. جيستائين اوهين تباهہ نہ ٿي ويندا، تيستائين اهي مرض اوهان جي پٺيان هوندا.


اهي بکن کان ڳرندا ويندا ۽ تپ ۽ وبا سان ڀسم ٿيندا. آءٌ انهن تي جھنگلي جانورن جا ڏند بڇي ڇڏيندس، ۽ ڌرتيءَ تي سرندڙ جيتن جو زهر ڏانهن موڪلي ڏيندس.


اوهان جو سينگار وار ڳُتڻ، سونا زيور پائڻ ۽ عمدا ڪپڙا پهرڻ وارو ظاهري سينگار نہ هئڻ گھرجي.


آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي پيغام ٻڌائين.“


سخت تپش جي ڪري ماڻهو ڏاڍا سڙي پيا. تنهن هوندي بہ انهن توبهہ نہ ڪئي جو خدا، جيڪو انهن آفتن تي اختيار رکي ٿو، تنهن ڏانهن ڦري سندس تعظيم ڪن. اٽلندو هو سندس خلاف ڪفر بڪڻ لڳا.


ڌرتيءَ جي جن بادشاهن ساڻس زناڪاري پئي ڪئي ۽ عيش عشرت ڪندا ٿي رهيا، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا تہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ