پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
اي ملڪ جا سڀ حليم رهاڪؤ! جيڪي سندس حڪم تي هلندڙ آهيو، سي خداوند جا طالبو رهو. هائو، اوهين سچائيءَ ۽ عاجزيءَ جا طلبگار رهو، تڏهن ٿي سگھي ٿو خداوند جي ڪاوڙ واري ڏينهن تي اوهان کي پناهہ ملي.
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا بيانصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.