Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 29:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اوهين پاڻ کي بي‌وقوف بڻايو، ڀلي اوهين بي‌وقوف ٿي گذاريو، پنهنجو پاڻ کي انڌو بڻايو، ڀلي اوهين ڏسڻ ڇڏي ڏيو. ڏسو، اوهين بنا مئي پيئڻ جي ديوانا ٿي ويا آهيو، اوهين بنا ڪنهن نشي ڪرڻ جي ٿاٻڙجو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 اوهين ترسو ۽ حيران ٿيو؛ خوشيون ڪريو ۽ مست ٿيو: اهي نشي ۾ آهن پر شراب سان نہ، اهي آٿڙن ٿا پر نشي جي ڪري نہ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 29:9
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمايو تہ ”اي زمين وَ آسمان! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. جنهن قوم کي مون خداوند پنهنجي ٻارن وانگر پالي وڏو ڪيو، سا مون کان باغي ٿي ويئي آهي.


اهو خداوند ئي آهي، جنهن مصرين منجھہ مونجھارو وجھي ڇڏيو آهي. ايتري قدر جو سندن ئي اڳواڻن کين سڀني ڪمن ۾ گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هائو، اهي انهيءَ نشئي ماڻهوءَ وانگر ٿي پيا آهن، جيڪو پنهنجي الٽيءَ تان پاڻ ئي ترڪي پوي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي يروشلم لاءِ! جنهن کي منهنجي قربان‌گاهہ سڏيو ٿو وڃي. اهو يروشلم شهر، جنهن جي چوڌاري دائود پنهنجا خيما کوڙي اچي ويٺو. ڀلي تہ سال ٻہ سال گذرن ۽ عيدون ملهايون وڃن.


خداوند اوهان جي دل ۽ دماغ کي بيهوش ڪري ڇڏيو آهي. هن اوهان جي اکين يعني اوهان جي نبين کي انڌو ڪيو آهي، هائو، هن ڄڻ اوهان جي چهري تي چادر وجھي ڇڏي آهي، جو اوهان جي انهن غيبدانن کي ڏسڻ کان محروم ڪيو اٿس.


جيڪي تو تي ظلم ٿا ڪن، تن کي آءٌ سندن ئي ماس کارائيندس. هائو، اهي مٺي مئي وانگر پنهنجو ئي رت پي مست ٿيندا. تڏهن هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ ۽ تنهنجو بچائيندڙ آهيان.“


اي يروشلم! تو خداوند جي هٿان سندس غضب جو پيالو پيتو آهي. تو سخت نشو ڏيندڙ ڀريل پيالو پي خالي ڪيو آهي. سو هاڻ اي يروشلم! جاڳ، جاڳي پئُہ ۽ اُٿي کڙو ٿيءُ.


ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم جا سڀيئي نگهبان انڌا آهن. انهن سڀني کي ڪا ڄاڻ نہ آهي. هائو، اهي سڀ اهڙن بيڪار پهريدار ڪتن مثل آهن، جيڪي گونگا آهن ۽ ڀونڪي بہ نہ ٿا سگھن. اهي خوابن ۾ گم رهڻ وارا آهن، جن کي سستيءَ مان ليٽيو رهڻ ئي پسند آهي.


اي يسعياہ! تون هن قوم کي منهنجو پيغام ٻڌائڻ سان سندن دماغن کي تالو هڻ، هنن جا ڪن گھٻرا ڪر ۽ سندن اکيون بند ڪر، نہ تہ متان هو پنهنجي اکين سان ڏسن ۽ ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“


پنهنجي غصي ۾ مون سڀني قومن کي لتاڙيو. مون غضب وچان کين متوالو بڻائي ڇڏيو، ۽ سندن رت زمين تي وهائي ڇڏيم.“


تڏهن تون کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ آءٌ سندن ملڪ يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ڪاهنن کي، نبي سڏائيندڙن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ڄڻ تہ نشو پيئاري مدهوش ڪري ڇڏيندس.


سو اي آسمانؤ! هيبت وچان ڪنبڻ لڳو، عجب کائو ۽ ششدر ٿيو.


نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين جي ڪري منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي، ڇو تہ خداوند جي ڪاوڙ ۽ سندس پاڪ فرمان ۾ ٻڌايل سزا سبب منهنجا سمورا لڱ ڏڪن ٿا. آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ جيان مدهوش ٿي ويو آهيان، جيڪو مئي ۾ الوٽ هجي.


اهو پيالو پيئارڻ وقت مون هر هڪ کي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان بہ ٻڌايو تہ ”منهنجي غضب جو پيالو پيئو، مست ٿيو ۽ الٽي ڪري ڪڍو ۽ مدهوش ٿي اهڙا ڪِرو، جو جيڪا جنگ آءٌ اوهان منجھہ موڪليان ٿو تنهن سببان وري ڪڏهن بہ نہ اُٿو.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن بادشاهہ ۽ امير بي‌همت ٿي پوندا، ڪاهنن کي دهشت وٺي ويندي ۽ نبي دهلجي ويندا.“


بابل خداوند جي هٿ ۾ مئي جي هڪڙي سوني پيالي مثل رهيو آهي، جنهن مان مئي پي سڄيءَ دنيا وارا مست ٿي پيا آهن. هائو، قومن ان مئي مان پئي پيتو آهي، تنهنڪري اهي ديوانيون ٿي پيون آهن.


ڀلي کِلو، اي پيارا ادوم وارؤ! هائو، عُوض جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي خوش ٿيو. پر اوهان تي بہ مصيبت جو وقت اچڻ وارو آهي. اوهين بہ سزا جو اهو پيالو پي مدهوش ٿي ويندا، ۽ اگھاڙا ڪيا ويندا.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ ”ٻين قومن کي جاچي ڏسو ۽ انهن مان عبرت حاصل ڪريو، ڇوجو اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان، جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌائجي تہ اوهين هرگز اعتبار ڪين ڪندا.


پوءِ هو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ کين چيائين تہ ”اوهين اڃا تائين سمهي آرام پيا ڪريو! ڏسو، اها گھڙي اچي پهتي آهي جو ابنِ آدم گنهگارن جي حوالي ڪيو وڃي.


پر جڏهن هو ٽيون دفعو انهن وٽ موٽي آيو، تڏهن چيائين تہ ”ڇا اڃا تائين اوهين ننڊون ۽ آرام پيا ڪندا؟ بس، اها گھڙي اچي پهتي آهي. ڏسو، ابنِ آدم گنهگارن جي حوالي ڪيو پيو وڃي.


مون انهيءَ عورت کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ