يسعياہ 29:20 - Muslim Sindhi Bible20 ظالم ۽ ٽوڪباز هميشہ لاءِ نابود ٿي ويندا. هائو، بدڪاريءَ ۾ زندگي گذاريندڙ سڀيئي نيست وَ نابود ڪيا ويندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 ڇالاءِ جو خوفناڪ ماڻهو نابود ٿي ويندو، ۽ ٺٺولي ڪندڙ فنا ٿي ويندو، ۽ جيڪي بدڪاري ڪرڻ لاءِ اکيون وجهيو ويٺا آهن سي تباهہ ٿي ويندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان پوءِ پنهنجي انهيءَ رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو، جيڪو خوفناڪ، بلڪ تمام هيبتناڪ هو. هو نهايت مضبوط هو ۽ کيس لوهہ جا وڏا وڏا ڏند هئا. هو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. اهو اڳين جانورن کان انهيءَ ڳالهہ ۾ مختلف هو جو انهيءَ کي ڏهہ سڱ هئا.