Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 29:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تڏهن غريب ۽ مسڪين ماڻهو خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي ڪري وڌيڪ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 مسڪين بہ خداوند ۾ وڌيڪ خوش ٿيندا، ۽ ماڻهن ۾ جيڪي غريب آهن سي اسرائيل جي پاڪ خدا ۾ سرها ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 29:19
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“


بيشڪ خداوند پنهنجي قوم کان ڏاڍو خوش ٿئي ٿو، ۽ پنهنجي تابعدارن کي فتحمندي بخشي ٿو.


سڄو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهس ڦرندو. هائو، سڀيئي قومون انهيءَ جي آڏو سجدو ڪنديون.


جيڪي تنهنجا تابعدار آهن، تن کي سڌيءَ راهہ تي هلائين ٿو. هائو، پنهنجي تابعدارن کي تون پنهنجي واٽ ڏيکارين ٿو.


پر جيڪي خدا جا تابعدار آهن، سي ملڪ جا وارث ٿيندا. اهي جھجھي سلامتيءَ سان گڏ خوشحالي ماڻيندا رهندا.


مگر جيڪي محتاج آهن، تن کي هميشہ لاءِ ڪين وساريو ويندو. هائو، غريبن جي اميد کي هميشہ جي لاءِ ڪين ٽوڙيو ويندو.


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


آءٌ خداوند هڪ ريڍار جيان پنهنجي قوم جي غريبن ۽ محتاجن جي سار سنڀال لهندس، ۽ اهي امن وَ سلامتيءَ سان پيا گذاريندا. مگر اوهان فلستين جي نسل کي آءٌ ڏڪار سان ماريندس، اهو ڏڪار اوهان مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيندو.


تڏهن فلستي ملڪ کان ايندڙ قاصدن کي اسين ڪهڙو جواب ڏيون؟ هنن لاءِ جواب هي آهي تہ خداوند ئي صيئون جبل کي کڙو ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.


تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہ‌گاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِ‌پناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.


هاڻي اهي جيڪي مسڪين ۽ مظلوم هئا، سي انهن جي شهر کي پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙين ٿا.


خداوند پنهنجي قوم جي اڳواڻن، ۽ سردارن کان عدالت شروع ٿو ڪري. خداوند قادرِمطلق مٿن الزام ٿو هڻي تہ ”اوهين اهي آهيو جن منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان غريبن کي لٽي ڦري پنهنجا گھر ڀريا آهن.


آءٌ خداوند قادرِمطلق اوهان کي چوان ٿو تہ ڇو اوهين منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن کي ستايو ٿا؟“


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس، ۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي. انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي، يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي، تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي، ۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس.


هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.


هاڻي اي دانيال! انهن رويائن وارين ڳالهين جي ڪتاب کي بند ڪري رک ۽ پڄاڻيءَ واري وقت تائين مٿس مُهر هڻي ڇڏ. انهيءَ دوران گھڻا ئي ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ پيا اجائي ڊڪ ڊوڙ ڪندا.“


تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند کي ياد ڪري خوش ٿيندس، آءٌ پنهنجي بچائڻ واري خدا جي ڪري سرهو رهندس.


اي ملڪ جا سڀ حليم رهاڪؤ! جيڪي سندس حڪم تي هلندڙ آهيو، سي خداوند جا طالبو رهو. هائو، اوهين سچائيءَ ۽ عاجزيءَ جا طلبگار رهو، تڏهن ٿي سگھي ٿو خداوند جي ڪاوڙ واري ڏينهن تي اوهان کي پناهہ ملي.


منهنجي ئي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان. ائين ڪرڻ سان اوهان کي آرام ملندو،


انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي تابعدار آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي ڌرتيءَ جو وارث ڪندو.


مطلب تہ ڏاڍي نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان رهو، صبر ڪريو ۽ پيار سان هڪٻئي جي برداشت ڪريو.


خداوند عيسيٰ ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو.


تنهنڪري ناپاڪيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي سموري گندگيءَ کي پري اڇلائي نماڻائيءَ سان انهيءَ پيغام کي قبول ڪريو، جيڪو اوهان ۾ پوکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي.


غريب ايمان واري کي مسيح ۾ پنهنجي اعليٰ مرتبي تي فخر ڪرڻ گھرجي،


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ