Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 29:17 - Muslim Sindhi Bible

17 سو هاڻي خداوند ٿوريءَ دير ۾ ئي ابتڙ ڪم ڪندي، لبنان جي ٻيلن کي مَٽائي هڪڙي آباد ٻني ٺاهيندو، ۽ آباد ٻنيءَ کي بدلائي هڪڙو ٻيلو ڪري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇا باقي ٿوري دير نہ آهي جو لبنان هڪڙي آباد ٻني ٿي پوندو، ۽ آباد ٻني هڪڙو ٻيلو ليکجڻ ۾ ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 29:17
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن زمين تي رهندڙ بڇڙائي ڪندا ٿا رهن، تنهن سرسبز وَ آباد زمين کي خداوند ڪلر بڻائي ٿو ڇڏي. هو دريائن کي رڻ‌پٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، ۽ پاڻيءَ جي چشمن کي سُڪي زمين بڻائي ٿو ڇڏي.


خداوند ئي بيابانن کي تلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، ۽ سُڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جا چشما بڻائي ڇڏي ٿو.


اهي زيارتي جڏهن ماتم نالي خشڪ واديءَ ۾ پهچن ٿا تہ انهيءَ مان بہ چشما وهي نڪرن ٿا، بلڪ آڳاٽو مينهن انهيءَ کي برڪتن سان ڀري ٿو ڇڏي.


اهو سڀ تيستائين ٿيندو رهندو، جيستائين خدا وري اسان تي پنهنجو پاڪ روح نازل ڪري. تڏهن بيڪار زمين سرسبز ٿي پوندي، ۽ سرسبز زمين ۾ بيحد جھجھا فصل ٿيندا.


آءٌ بيابان ۾ ديال توڙي ٻٻر جا وڻ، ۽ مينديءَ توڙي زيتون جا وڻ لڳائيندس. آءٌ رڻ‌پٽ ۾ صنوبر، چيل ۽ شمشاد جي وڻن جا ٻيلا لڳائيندس.


آءٌ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيندس، نہ انهيءَ جي ڇانگ ٿيندي ۽ نہ گُڏ ڪئي ويندي، بلڪ انهيءَ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ٿيندا. آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ مٿس مينهن نہ وسائين.“


پوءِ جتي هاڻي ڪنڊيون اڀريل آهن، اتي صنوبر جا وڻ ڦٽندا، ۽ ڪانڊيرن جي جاءِ تي مُر جا وڻ نڪري ايندا. اهي وڻ مون خداوند جي پاران هڪڙي اهڙي نشانيءَ طور قائم ٿيندا، جيڪا ڪڏهن بہ فنا نہ ٿيندي.“


تنهنجي مقدس هيڪل اسان جي هٿ هيٺ هئي، پر ائين ٿو لڳي ڄڻ اها گھڙي پلڪ لاءِ هئي، تنهن کان پوءِ اسان جي دشمنن اسان کي اتان ڀڄائي ڪڍيو، ۽ هاڻي انهن دشمنن انهيءَ کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي.


بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا.


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي، پر اچڻ وارو آهي، ۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي. جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر، ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.


آءٌ قادرِمطلق جلد هڪ دفعو وري زمين وَ آسمان کي ۽ بر وَ بحر کي لوڏي ڇڏيندس.


پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهي اوهان تان هٽي ويندي ۽ انهيءَ نئين چونڊيل قوم مٿان اچي ڇانوَ ڪندي جيڪا پاڻ ۾ انهيءَ جو حقيقي ڦل پيدا ڪندي.


”تمام ٿورو وقت باقي آهي، جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ