يسعياہ 29:15 - Muslim Sindhi Bible15 ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي خداوند سان ويساگھاتي ڪندي پنهنجا منصوبا هن کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. اهي ڳجھيءَ طرح منصوبا جوڙي سمجھن ٿا تہ ”اسان کي ڪوبہ نہ ٿو ڏسي ۽ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible15 انهن تي افسوس آهي، جي پنهنجي مشورت خداوند کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، ۽ جن جا ڪم اونداهيءَ ۾ ٿا ٿين، ۽ چون ٿا تہ ڪير اسان کي ڏسي ٿو؟ ڪير اسان کي سڃاڻي ٿو؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بيانصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.
اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“