Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 29:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تنهنڪري ڏسو، آءٌ هن قوم ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم. ان وقت انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ سندن عقلمندن جو عقل خطا ٿي ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تنهن ڪري ڏس، آءٌ هن اُمت ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم، ۽ انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ انهن جي سمجهہ وارن جي سمجهہ گم ٿي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 29:14
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو صلاحڪارن کي اگھاڙي پيرين قيد ڪرائي ٿو ڪڍي، ۽ ججن کي بي‌عقل ٿو بڻائي ڇڏي.


هو ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي، هائو، هو اهڙن ماڻهن جي ٺڳين کي ابتو ڪري ڇڏي ٿو.


پر پروردگار فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ صيئون جبل تي، يروشلم شهر ۾ پنهنجا سمورا ڪم پورا ڪري ڇڏيندس، تڏهن آءٌ اشور جي شهنشاهہ کي سندس سڄي مغروريءَ ۽ ٻٽاڪن جي سزا ضرور ڏيندس.“


جڏهن آءٌ مصرين جي منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندس، تڏهن اهي همت هاري ويهندا. پوءِ هو پنهنجن بتن کان، جادوگرن کان، ڀوپن کان، ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کان پيا پڇائون ڪندا.


انهيءَ سبب جو خداوند اهڙو تہ ڪم ڪندو، جيڪو اوهان جي سمجھہ کان بلڪل ٻاهر هوندو، هائو، هو پنهنجو حيرت انگيز ڪم عمل ۾ آڻيندو. خداوند اهڙو وڙهندو جهڙو پراضيم جبل تي وڙهيو هو، ۽ هو اهڙو غضبناڪ ٿيندو جهڙو جِبعون جي ماٿريءَ ۾ ٿيو هو.


آءٌ ئي اڳڪٿي ڪندڙن جي نشانين کي باطل قرار ڏيان ٿو، ۽ فال وجھڻ وارن جي فال کي باطل بڻائي کين بي‌وقوف ثابت ٿو ڪريان. ماڻهن جي نظر ۾ جيڪا سياڻپ آهي تنهن کي آءٌ رد ٿو ڪريان، ۽ اهڙن جي سياڻپ کي بي‌وقوفيءَ ۾ ٿو بدلايان.


اي خداوند! ڇو تو اسان کي پنهنجين واٽن کان گمراهہ ٿيڻ ڏنو، ۽ اسان جي دلين کي اهڙو سخت ڪيئِہ جو اسين تو کان ڦري وياسون؟ موٽي اچ، اي خداوند! اسان پنهنجي انهن ٻانهن جي خاطر، جيڪي تنهنجي بندگي ڪندا ٿا رهون، هائو، پنهنجي انهيءَ قوم جي خاطر، جيڪا هميشہ لاءِ تنهنجي ئي آهي.


هائو، آءٌ خود سندن بدڪارين، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو بدلو گڏي ڏيندس. هنن سڀني جبل وارين غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ سندن لاءِ قربانيون پيش ٿي ڪيون، ۽ ٽڪرين تي منهنجي خلاف بڪواس پئي ڪئي. سو آءٌ هنن کي سندن ڪيل ڪمن مطابق سزا ڏيندس.“


آءٌ هن هنڌ اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن جا منصوبا ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي اوهان جي جاني دشمنن جي هٿان تلوار سان مارائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن کي کاڌي طور ڏيئي ڇڏيندس.


ادوم بابت قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڇا ادوم ملڪ جي رهاڪن مان ڏاهپ نڪري ويئي آهي؟ ڇا سندن ڏاهن مان صلاح مصلحت ختم ٿي ويئي آهي؟ ڇا منجھن ڏاهپ اصل رهي ئي ڪونهي؟


سو جنهن ڏينهن آءٌ خداوند ادوم جي قوم کي سزا ڏيندس، تنهن ڏينهن آءٌ منجھائن دانائيءَ کي ناس ڪري ڇڏيندس. هائو، آءٌ سندن جابلو علائقي مان ڏاهپ کي مِٽائي ڇڏيندس.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ ”ٻين قومن کي جاچي ڏسو ۽ انهن مان عبرت حاصل ڪريو، ڇوجو اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان، جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌائجي تہ اوهين هرگز اعتبار ڪين ڪندا.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاهن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻڌو سو اهي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“


جهڙيءَ طرح هنن خدا کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


ڏسو، هن دنيا جي ڏاهپ خدا جي آڏو بي‌وقوفي آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ