Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 29:12 - Muslim Sindhi Bible

12 وري جيڪڏهن اهو اڻ‌پڙهيلن کي ڏيئي چيو وڃي تہ ”مهرباني ڪري هي پڙهي ٻڌايو،“ تہ هو چوندا تہ ”اسان کي تہ پڙهڻ ئي ڪونہ ٿو اچي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ وري اهو ڪتاب ڪنهن اڻ پڙهيل کي ڏين ۽ چون تہ مهرباني ڪري هي پڙهہ، ۽ هو چوي تہ مون کي پڙهڻ نٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 29:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جي لاءِ هن رويا جون سڀيئي ڳالهيون هڪڙي مهربند دستاويز وانگر ٿي ويون آهن. هاڻ جيڪڏهن اهو دستاويز عالم شخصن کي ڏيئي چيو وڃي تہ ”مهرباني ڪري هي پڙهي ٻڌايو،“ جنهن تي هو چوندا تہ ”اسين هي پڙهي نہ ٿا سگھون، ڇو تہ هن تي مهر لڳل آهي.“


پروردگار اوهان بابت فرمائي ٿو تہ ”هي ماڻهو منهنجي عبادت جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن لفظ بي‌معنيٰ ۽ سندن دليون ڪنهن ٻئي طرف آهن. هنن جو دين انهن انساني دستورن، ۽ روايتن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ناهي، جن کي هو رڳو رواجي طور ياد ڪري ٿا ڇڏين.


هائو، جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن ٻوڙا بہ دستاويز جون پڙهيون ويندڙ ڳالهيون ٻڌي سگھندا، ۽ انڌا، جيڪي اونداهيءَ دنيا ۾ ٿا گذارين، تن جون اکيون روشن ٿينديون ۽ اهي ڏسي وائسي سگھندا.


اي منهنجا شاگردؤ! اوهين خدا جي ڏنل پيغامن ۽ تعليم کي مُهر لڳائي محفوظ ڪري رکو،


تڏهن مون سوچيو تہ ”هو ويچارا نادان آهن. هو نہ ٿا ڄاڻن تہ خداوند جو رستو ڪهڙو آهي، ۽ سندن خدا کانئن ڪهڙي تقاضا ڪري ٿو.


۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ