يسعياہ 29:10 - Muslim Sindhi Bible10 خداوند اوهان جي دل ۽ دماغ کي بيهوش ڪري ڇڏيو آهي. هن اوهان جي اکين يعني اوهان جي نبين کي انڌو ڪيو آهي، هائو، هن ڄڻ اوهان جي چهري تي چادر وجھي ڇڏي آهي، جو اوهان جي انهن غيبدانن کي ڏسڻ کان محروم ڪيو اٿس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ڇالاءِ جو خداوند اوهان تي گهاٽيءَ ننڊ جو روح موڪليو آهي، ۽ اوهان جون اکيون بند ڪيون اٿس: ۽ اوهان جي نبين، ۽ سردارن، ۽ غيب ڏسندڙن کي ڍڪي ڇڏيو اٿس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي. اچ تہ هلون.“ سو هو انهيءَ شهر ڏانهن ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو رهندو هو. جڏهن هو شهر ڏانهن مٿي چڙهي رهيا هئا، تڏهن هنن کي ڪجھہ ڇوڪريون مليون جيڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر وڃي رهيون هيون. هنن انهن ڇوڪرين کان پڇيو تہ ”ڇا غيبدان هتي آهي؟“ اڳئين زماني ۾ ائين ٿيندو هو جو بني اسرائيل مان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جي مرضي معلوم ڪرڻي هوندي هئي تہ هو غيبدان وٽ ويندو هو. جنهن کي هاڻي نبي ٿو سڏجي تنهن کي اڳي غيبدان سڏيو ويندو هو.