يسعياہ 28:6 - Muslim Sindhi Bible6 هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارن کي انصاف وارو روح عطا ڪندو، ۽ شهر جي دروازن تي حملي کان بچاءُ ڪندڙن کي طاقت عطا ڪندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 ۽ جيڪو عدالت ڪرڻ ويهندو تنهن لاءِ انصاف جو روح، ۽ جيڪي دروازي تي بيهي حملو ڪندڙ کي موٽائيندا تن لاءِ زور ٿيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہگاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِپناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.