26 هو ڄاڻين ٿا تہ کين پنهنجو ڪم ڪيئن ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا کين اها سمجھہ عطا ڪئي آهي.
26 ۽ هو اُهي پوريءَ طرح پوکي ٿو، ۽ هن جو خدا هن کي سيکاري ٿو.
پر نہ، اهو تہ خدا قادرِمطلق جو روح ئي آهي، جيڪو انسان ۾ اچي ٿو ۽ انهيءَ کي سمجھہ عطا ڪري ٿو.
جڏهن تہ هن انسان کي جانورن کان وڌيڪ سمجھہ ڏني آهي، ۽ پکين کان وڌيڪ عقل عطا ڪيو اٿس.
ڇاڪاڻ تہ مون خدا ان کي عقل کان محروم ڪيو آهي، ۽ کيس ڪابہ سمجھہ نہ ڏني اٿم.
شال منهنجي محافظ خداوند جي واکاڻ هجي! جيڪو مون کي جنگ جي تربيت ڏئي ٿو.
هو جيڪو قومن کي سيکت ٿو ڏئي، ڇا اهو اوهان بدڪارن کي سزا ڪين ڏيندو؟ هو جيڪو انسان کي علم ٿو سيکاري، ڇا اهو پاڻ ڪجھہ ڪين ٿو ڄاڻي؟
تون انهن سڀني ماهر ڪاريگرن، جن کي مون حڪمت جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي، تن کي چئُہ تہ هارون جي لاءِ خاص پوشاڪ ٺاهين، انهيءَ لاءِ تہ هو مخصوص ٿي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿئي ۽ اها پوشاڪ پائي.
پوءِ موسيٰ بصلايل، اهلياب ۽ انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ وٽ سڏيو جن کي خداوند دانائي عطا ڪئي هئي، يعني انهن سڀني کي جن جي دلين ۾ ڪم ڪرڻ جي ترغيب پيدا ٿي.
نہ، بلڪ جڏهن هو زمين کي پوک لاءِ تيار ٿا ڪن، تڏهن هو ان ۾ جاڻ ۽ زيرو ٿا ڇٽين. هو اوڙون ڪڍي ڪڻڪ ۽ جَوَ ٿا ڇٽين، ۽ زمين جي ڪناري سان ٻاجھري ٿا پوکين.
سو هو جاڻ ۽ زيري جهڙين نازڪ شين کي ڳاهڻ وارن تيز اوزارن يا گاڏيءَ جي ڦيٿن سان نہ ٿا ڳاهين، بلڪ جاڻ لٺ سان ڇاڻين ٿا ۽ زيرو لڪڻ سان.
اهي مون بابت شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ”يسعياہ ڪنهن کي ٿو علم سيکارڻ چاهي؟ هو ڪنهن کي ٿو پيغام سمجھائڻ چاهي؟ ڇا اسين ٻار آهيون جن کان هينئر ئي ٿڃ ڇڏائي ويئي هجي، يا جيڪي ٿڻن کان هن وقت ئي پري ڪيا ويا هجن؟
هاڻ خدا انهن چئني نوجوانن کي هر قسم جي علم وَ ادب ۾ مهارت ۽ ڏاهپ عطا ڪئي. هن دانيال کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجھہ پڻ عطا ڪئي.
هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.