Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 28:21 - Muslim Sindhi Bible

21 انهيءَ سبب جو خداوند اهڙو تہ ڪم ڪندو، جيڪو اوهان جي سمجھہ کان بلڪل ٻاهر هوندو، هائو، هو پنهنجو حيرت انگيز ڪم عمل ۾ آڻيندو. خداوند اهڙو وڙهندو جهڙو پراضيم جبل تي وڙهيو هو، ۽ هو اهڙو غضبناڪ ٿيندو جهڙو جِبعون جي ماٿريءَ ۾ ٿيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو خداوند اهڙو اُٿلندو جهڙو پراضيم جبل تي، ۽ اهڙو ڪاوڙبو جهڙو جبعون جي واديءَ ۾؛ انهي لاءِ تہ هو پنهنجو ڪم، بلڪ پنهنجو عجيب ڪم ڪري، ۽ پنهنجو عمل، بلڪ پنهنجو عجيب عمل آڻي پورو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 28:21
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو دائود هڪڙي هنڌ تي آيو ۽ اتي فلستين کي شڪست ڏنائين. تڏهن دائود چوڻ لڳو تہ ”خداوند منهنجي دشمنن کي ائين ڀڃي وڌو آهي، جيئن اوچتو پاڻيءَ جو بند ڀڄي پوندو آهي.“ انهيءَ سبب ئي انهيءَ هنڌ جو نالو بعل‌پراضيم پئجي ويو.


سو دائود ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو. اهڙيءَ طرح هو جِبع کان وٺي جزر تائين فلستين کي ماريندو ويو.


سو دائود هڪڙي هنڌ تي آيو ۽ اتي فلستين کي شڪست ڏنائين. تڏهن دائود چوڻ لڳو تہ ”خداوند منهنجي دشمنن کي منهنجي هٿان ائين ڀڃي وڌو آهي، جيئن اوچتو پاڻيءَ جو بند ڀڄي پوندو آهي.“ انهيءَ سبب ئي انهيءَ هنڌ جو نالو بعل‌پراضيم پئجي ويو.


سو دائود ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو، اهڙيءَ طرح هو فلستين جي لشڪر کي جِبع کان وٺي جزر تائين ماريندو ويو.


ڪنهن وقت منهنجي مدد ڪرڻ واسطي انهن بدڪارن سان منهن ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو.


پر پروردگار فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ صيئون جبل تي، يروشلم شهر ۾ پنهنجا سمورا ڪم پورا ڪري ڇڏيندس، تڏهن آءٌ اشور جي شهنشاهہ کي سندس سڄي مغروريءَ ۽ ٻٽاڪن جي سزا ضرور ڏيندس.“


جنهن بہ وقت اها ٻوڏ ايندي تہ اوهان کي لوڙهي ويندي. هائو، اها بار بار ايندي، پوءِ صبح هجي توڙي منجھند يا رات. جڏهن اوهين خدا جو هي پيغام سمجھندا، تڏهن اوهان کي تمام گھڻي دهشت وٺي ويندي.


تنهنڪري ڏسو، آءٌ هن قوم ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم. ان وقت انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ سندن عقلمندن جو عقل خطا ٿي ويندو.“


بلڪ جڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي ڏسندا، جنهن کي آءٌ هڪ عظيم قوم بڻائيندس، تڏهن اوهين منهنجي نالي کي پاڪ مڃيندا. هائو، اوهين مون خداوند، بني يعقوب جي خدا کي پاڪ ڪري ڄاڻيندا، ۽ مون بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪندا.


هائو، اهي ائين ڏڪڻ لڳن، جيئن سڪل ڪاٺين واري باهہ مٿان پاڻي ٽهڪندو آهي. اچ ۽ پنهنجي دشمنن کي اچي پنهنجي قدرت ڏيکار، تہ اهي تو کي ڄاڻي وٺن. هائو، پاڻ اچ ۽ قومن کي اچي ڏهڪاءِ.


هائو، آءٌ خود سندن بدڪارين، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو بدلو گڏي ڏيندس. هنن سڀني جبل وارين غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ سندن لاءِ قربانيون پيش ٿي ڪيون، ۽ ٽڪرين تي منهنجي خلاف بڪواس پئي ڪئي. سو آءٌ هنن کي سندن ڪيل ڪمن مطابق سزا ڏيندس.“


اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي، اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن. مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي، ۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن، ۽ اوهان جا گناهہ بي‌شمار آهن.


هاڻ اي پيارا يروشلم! تو وٽان لنگھندڙ سڀيئي ماڻهو ڪنڌ لوڏي تو تي ٺٺوليون ٿا ڪن. اهي طعنا هڻندي ۽ تنهنجي برباديءَ تي کلندي چون ٿا تہ ”ڇا هي اهو ئي شهر نہ آهي، جنهن کي ماڻهو تمام سهڻو شهر، ۽ دنيا جو فخر ڪري سڏيندا هئا؟“


پروردگار ڏک ڏيڻ پسند نہ ٿو ڪري، نڪي هو انسان کي ايذائڻ ٿو چاهي.


اسان جي جلاوطنيءَ جي ٻارهين سال، ڏهين مهيني جي پنجين تاريخ تي مون وٽ هڪڙو ماڻهو آيو جيڪو يروشلم کان ڀڄي نڪتو هو، تنهن مون کي ٻڌايو تہ شهر تي بابل وارن جو قبضو ٿي ويو آهي.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ ”ٻين قومن کي جاچي ڏسو ۽ انهن مان عبرت حاصل ڪريو، ڇوجو اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان، جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌائجي تہ اوهين هرگز اعتبار ڪين ڪندا.


خداوند انهن کي بني اسرائيل جي اڳيان مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو ۽ جِبعون وٽ کين وڏي شڪست ڏنائين. بني اسرائيل بيت‌حورون شهر جي لنگھہ وٽان ويندي هنن جو پيڇو ڪيو ۽ ڏکڻ طرف عزيقاہ ۽ مقيدہ شهرن تائين کين ماريندا ويا.


جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان بيت‌حورون جي لنگھہ وٽان ڀڄندا ٿي ويا تيئن سڄي واٽ عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا برف جا پٿر ڪيريندو رهيو. بني اسرائيل جي تلوار سان مرڻ وارن کان وڌيڪ ماڻهو انهن ڳڙن سان مئا.


انهيءَ ڏينهن خداوند امورين تي بني اسرائيل کي فتح بخشي. ساڳئي ڏينهن منجھند ڌاري يشوع خداوند کان دعا گھري ۽ پوءِ جيئن ”آشر جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي، تيئن هن بني اسرائيل جي روبرو هيئن چيو تہ ”اي سج! تون جِبعون شهر مٿان رڪجي وڃ، اي چنڊ! تون ايالون ماٿريءَ تي ترسي پئُہ.“ تڏهن سج رڪجي ويو ۽ چنڊ ترسي پيو، جيستائين بني اسرائيل قوم دشمنن کي شڪست نہ ڏني. سو سج آسمان جي وچ ۾ هڪ ڏينهن جيترو وقت هڪ هنڌ رڪجي ويو ۽ اولهہ ڏانهن نہ لڙيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ