Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 28:17 - Muslim Sindhi Bible

17 عدالت ۽ سچائي اهڙيءَ ڏور ۽ شاهل مثل هونديون، جن کي آءٌ انهيءَ اڏاوت ۾ ڪم آڻيندس.“ سو ڳڙا اوهان جي ڪوڙ واري پناهہ‌گاهہ کي ٻهاري ويندا، ۽ اوهان جي لڪڻ واري جاءِ کي ٻوڏ لوڙهي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 آءٌ عدالت کي ڏور ۽ سچائيءَ کي شاهد ڪندس: ۽ ڳڙا ڪوڙ جي پناهہ ٻهاري ويندا، ۽ پناهہ جي جاءِ جي مٿان پاڻي اُٿلي ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 28:17
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ يروشلم کي سامريہ جهڙي سزا ڏيندس. هائو، اهڙي سزا ڏيندوسانس جهڙي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ۽ سندس اولاد کي ڏني هئم. آءٌ يروشلم کي ائين اُگھي ڇڏيندس جيئن ڪو ماڻهو ٿالهي اُگھي اونڌي ڪري رکي ڇڏيندو آهي.


اهي پنهنجي مرڻ واري وقت کان اڳ ئي ماريا ويا، ڇاڪاڻ تہ ٻوڏ سندن بنياد ئي لوڙهي ويئي.


بيشڪ بي‌انصافي ختم ٿيندي ۽ انصاف سچارن جي هٿ ايندو. پوءِ سڀيئي سچيءَ دل وارا انصاف جي پيروي ڪرڻ لڳندا.


تڏهن اي بني اسرائيل! توڙي جو اوهين هاڻي سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترا گھڻا آهيو، تڏهن بہ اوهان مان ڪي ٿورا ئي جلاوطنيءَ مان موٽي پنهنجي وطن ايندا. بيشڪ اوهان لاءِ جيڪا بربادي مقرر ڪئي ويئي آهي، سا پوري انصاف تي ٻڌل آهي.


تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہ‌گاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِ‌پناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.


جيئن تہ اوهين ٻٽاڪون ٿا هڻو تہ اوهان موت سان ٺاهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ پاتال سان عهد اقرار ڪري ڇڏيو اٿوَ، تنهنڪري جڏهن دشمن لشڪر سزا واري طوفاني ٻوڏ جيان ايندو، تہ اهو اوهان تائين نہ پهچندو. ائين ڪرڻ سان اوهان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ‌گاهہ بڻايو آهي، ۽ دغا جي آڙ ۾ لڪي ويٺا آهيو.


ياد رکو، پروردگار وٽ هڪڙو اهڙو طاقتور ۽ زبردست شخص موجود آهي، جيڪو ڳڙن واري طوفان، برباد ڪندڙ واچوڙن، ۽ ٻوڏ جي جھجھي پاڻيءَ جي وهڪري وانگر سامريہ وارن کي زور سان ڌرتيءَ تي اڇلائي وجھندو.


تڏهن بہ خداوند کي اهو انتظار آهي، تہ هو اوهان تي رحم ڪري. هائو، هو اوهان تي مهربان ٿيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو. بيشڪ خداوند عادل آهي، ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا تن کي برڪتن سان نوازي ٿو.


هن جي ڦوڪ اٿل کائيندڙ اهڙيءَ ٻوڏ وانگر هوندي، جيڪا هر شيءِ کي لوڙهيو ڇڏي. هو غير قومن کي تباهيءَ واري ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻي ناس ڪندو، ۽ سندن ڄاڙين ۾ لغام وجھي کين قيد ڪرائيندو.


انهن مان هر ڪو جھولي کان لڪڻ جي جاءِ وانگر، ۽ طوفانن کان پناهہ جيان هوندو. اهي بيابان مان وهندڙ نهرن وانگر، ۽ ويران زمين مٿان وڏي ٽڪر جي ڇانوَ مثل هوندا.


بيشڪ قادرِمطلق خداوند عدل ڪرڻ سان پنهنجي عظمت کي ظاهر ڪري ٿو. هائو، هن جي انصاف وارن ڪمن مان سندس پاڪائي پڌري ٿئي ٿي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ظلم ۽ ناانصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان. آءٌ پنهنجي قوم کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ ساڻن ابدي عهد ٻڌندس.


آءٌ هن هنڌ اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن جا منصوبا ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي اوهان جي جاني دشمنن جي هٿان تلوار سان مارائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن کي کاڌي طور ڏيئي ڇڏيندس.


خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.


تنهنڪري آءٌ پنهنجي نالي تي سڏجندڙ هن گھر جو، جنهن تي اوهان جو ڀروسو آهي ۽ انهيءَ جاءِ جيڪا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن جو بہ اهڙو ئي حال ڪندس جهڙو مون سيلا جو ڪيو هو.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ منهنجو قهر ۽ غضب هن هيڪل تي، انسان ۽ حيوان تي، جھنگلي وڻن ۽ زمين جي پيداوار تي نازل ٿيندو ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجھامندو ئي ڪين.“


پوءِ آءٌ موتمار بيماري، خونريزي، سخت طوفاني برسات ۽ وڏن ڳڙن جي وسڪاري سان ياجوج ۽ سندس لشڪر کي سزا ڏيندس. آءٌ ياجوج، سندس لشڪر ۽ ساڻس گڏ جيڪي گھڻيون قومون هونديون، تن تي باهہ ۽ گندرف وسائيندس.


هو زبردست لشڪرن کي پنهنجي اڳيان ٻُهاري نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو، ايتري قدر جو مقدس هيڪل جي سردار ڪاهن کي بہ نہ ڇڏيندو.


پر هو اٿلندڙ ٻوڏ جيان پنهنجي مخالفن ۽ دشمنن کي موت جي اونداهيءَ ڏانهن ڌڪي ناس ڪري ڇڏي ٿو.


ان گھر تي مينهن ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تہ گھر ڪري پيو ۽ تباهہ ٿي ويو.“


جڏهن تہ اسين سڀ ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا تن بابت خدا جو فيصلو حق سچ وارو آهي.


پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.


خداوند پنهنجي انهيءَ ٻڌايل فيصلي کي ڌرتيءَ تي جلد ئي پوريءَ طرح عمل ۾ آڻيندو.“


جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان بيت‌حورون جي لنگھہ وٽان ڀڄندا ٿي ويا تيئن سڄي واٽ عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا برف جا پٿر ڪيريندو رهيو. بني اسرائيل جي تلوار سان مرڻ وارن کان وڌيڪ ماڻهو انهن ڳڙن سان مئا.


پوءِ خدا جي هيڪل جيڪا آسمان ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس عهد واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


ماڻهن تي آسمان مان وڏا وڏا ڳڙا وسيا، جن مان هر هڪ جو وزن اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هو. انهن ڳڙن جي آفت جي ڪري ماڻهو خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ اها آفت ڏاڍي سخت هئي.


بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو هو. خدا هن کان پنهنجي ٻانَهن جي خون جو بدلو ورتو.“


پهرئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ