يسعياہ 28:15 - Muslim Sindhi Bible15 جيئن تہ اوهين ٻٽاڪون ٿا هڻو تہ اوهان موت سان ٺاهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ پاتال سان عهد اقرار ڪري ڇڏيو اٿوَ، تنهنڪري جڏهن دشمن لشڪر سزا واري طوفاني ٻوڏ جيان ايندو، تہ اهو اوهان تائين نہ پهچندو. ائين ڪرڻ سان اوهان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہگاهہ بڻايو آهي، ۽ دغا جي آڙ ۾ لڪي ويٺا آهيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible15 ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.