Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 28:13 - Muslim Sindhi Bible

13 سو هاڻي هو پاڻ اوهان کي ”امان ابا، امان ابا،“ جهڙو سبق سيکاريندو، اهو هي هوندو جو اوهين وک وک تي ٿاٻو کائي ڪرندا، زخمي ٿيندا، ڦاسايا ويندا ۽ گرفتار ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تنهن ڪري خداوند جو ڪلام انهن جي لاءِ حڪم تي حڪم، حڪم تي حڪم ٿيندو؛ قانون تي قانون، قانون تي قانون ٿيندو؛ ٿورو هِتي ٿورو هُتي، انهي لاءِ تہ اهي وڃن ۽ پٺ تي ڪرن، ۽ شڪست کائين، ۽ ڦاسي پون، ۽ گرفتار ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 28:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل سندن پنهنجو ئي دسترخوان سندن لاءِ ڦندو ثابت ٿئي! شل انهن جون ئي مذهبي دعوتون سندن لاءِ ڄار ثابت ٿين!


هائو، جيئن ننڍڙا ٻارڙا ’امان ابا، امان ابا،‘ چوندي ڳالهائڻ سکندا آهن، تيئن ئي هو اسان کي بي‌مقصد لفظن سان پيو سمجھائي.“


اسين انڌن وانگر هٿوراڙيون ٿا هڻون. هائو، اسين ائين هٿوراڙيون ٿا هڻون، ڄڻ تہ اسان کي اکيون آهن ئي ڪونہ. اسين ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ ۾ بہ ائين ٿاٻا ٿا کائون، جيئن رات جو اونداهيءَ ۾. اسين ڄڻڪ مئلن جي اونداهي دنيا ۾ پيا رهون.


انهيءَ سبب مون اوهان ڏانهن پنهنجا نبي موڪليا، جن اوهان کي منهنجي فرمان مطابق سزا ۽ برباديءَ بابت ٻڌايو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو عدل سدائين نور جيان پيو چمڪندو رهندو.


توڙي جو منهنجي شريعت جا حڪم بي‌شمار بيان ڪيل آهن، تہ بہ انهن کي ڌاريو سمجھي مٿن ڪوبہ ڌيان نہ ٿو ڏنو وڃي.


اهڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي ٿو تہ ’”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين، اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“


باقي، جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو، سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“


اهڙيءَ طرح دائود چوي ٿو تہ ”شل سندن پنهنجو ئي دسترخوان سندن لاءِ ڄار ۽ ڦندو ثابت ٿئي، ۽ اهو ٺوڪر کائڻ ۽ سزا ڀوڳڻ جو سبب بڻجين!


يعني ڪن جي واسطي اسين موت ڏيندڙ بوءِ آهيون تہ ڪن جي واسطي زندگي بخشيندڙ خوشبوءِ. تڏهن ڪير اها ذميواري کڻڻ جي لائق آهي؟


هن پنهنجي سڀني خطن ۾ انهن ڳالهين بابت اهڙي ئي نموني بيان ڪيو آهي. هن جي خطن ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون بہ آهن جن جو سمجھڻ مشڪل آهي. جاهل ۽ ثابت قدم نہ رهندڙ ماڻهو انهن جي معنيٰ کي ڦيرائي ابتي پيا ڪن، جيئن اهي پاڪ ڪلام جي ٻين لکتن جي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجي لاءِ تباهي ٿا پيدا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ