پوءِ آسا خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندي چيو تہ ”اي خداوند! تنهنجي اڳيان طاقتور ۽ ڪمزور جي وچ ۾ ڪو فرق ڪونهي. سوڀ ڏيڻ وارو تون ئي آهين. سو اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اسان جو ڀروسو تو تي آهي ۽ تنهنجو ئي نالو وٺي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي آيا آهيون. اي خداوند! تون ئي اسان جو خدا آهين. ائين نہ ٿئي جو اسين شڪست کائون، ڇاڪاڻ تہ اها شڪست تنهنجي ئي ٿيندي.“