Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 26:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اي خداوند! تنهنجا دشمن ڪين ٿا ڄاڻن تہ کين سزا ڏيڻ لاءِ تنهنجو هٿ بلند ٿيو آهي. تون کين ڏيکار تہ تو کي پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيڏي نہ غيرت آهي. هائو، تون انهن کي خوار خراب ڪر، ۽ کين انهيءَ باهہ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏ، جيڪا تو پنهنجي دشمنن لاءِ ڀڙڪائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 26:11
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سبب جو هنن کانئس منهن موڙي ڇڏيو، ۽ سندس حڪمن جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪيائون.


اي خداوند خدا! اُٿي کڙو ٿيءُ، ۽ بدڪارن تي پنهنجو هٿ بلند ڪر. جيڪي مسڪين ڏک ۾ آهن تن کي تون نہ وسارج.


اي بادشاهہ! تون پنهنجي سڀني دشمنن کي ڳولي قابو ڪندين. هائو، جن کي تو کان نفرت آهي، سي تنهنجي زورآور هٿ کان بچي نہ سگھندا.


جيئن تہ اي خداوند! اهي تنهنجي ڪمن ۽ دستڪاريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن. تنهنڪري تون کين ڊاهي ڪيراءِ، ۽ وري کڙو نہ ڪرين.


هائو، قوم جي جوانن کي جنگ جي باهہ کائي ويئي، تنهنڪري منجھن جيڪي ڪنواريون هيون، تن جا سهرا نہ ڳايا ويا.


اي خداوند! تون مون کي پنهنجي ڪرم جي نشاني ڏيکار، تان‌تہ مون کان نفرت ڪرڻ وارا اهو ڏسي خوار خراب ٿين، هائو، جڏهن تون منهنجي مدد ڪندين ۽ مون کي آٿت ڏيندين.


هن دفعي آءٌ نہ رڳو تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت تي، بلڪ تنهنجي مٿان بہ تمام گھڻيون مصيبتون موڪليندس، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ سڄي دنيا ۾ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


اوهان جا زورآور بہ ڪکن ڪانن جهڙا ڪمزور ٿي ويندا، ۽ انهن جا ڪم چڻنگ مثل ٿيندا. اهي پنهنجن ڪمن سان گڏ باهہ ۾ پيا سڙندا، ۽ ڪوبہ انهيءَ کي اجھائڻ وارو ڪونہ هوندو.


اشور جي شهنشاهہ جي ٻٽاڪن سبب خداوند، قادرِمطلق خدا، سندس ٿلهن متارن جوانن کي سزا ڏيڻ لاءِ منجھن ڳاري ڇڏيندڙ بيماريون موڪليندو. هو سندس شان وَ شوڪت جي بجاءِ، هن جي بادشاهت ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏڻ واري باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندو.


خدا، جيڪو بني اسرائيل جو نور آهي سو باهہ بڻجي ويندو، هائو، بني اسرائيل جو پاڪ معبود شعلو بڻجي ويندو. پوءِ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هو سندس هر شيءِ کي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن جيان ساڙي ناس ڪري ڇڏيندو.


تڏهن اسرائيل وارا يهوداہ وارن سان اڳتي حسد نہ ڪندا، نڪي يهوداہ وارا اسرائيل وارن سان دشمني رکندا. هائو، اسرائيل وارن مان حسد وَ ڪينو هليو ويندو، ۽ يهوداہ وارن جي دشمني بلڪل ختم ٿي ويندي.


دنيا وارن کي ڏنل هن پيغام ۾ اوهان جي قوم بہ شامل آهي، سو ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪو اهو ڌيان سان ٻڌن، ۽ جڏهن جبلن تي جھنڊو کڙو ڪيو وڃي تہ اوڏانهن نظر ڪن. هائو، جڏهن جنگ جي نفيل وڄائي وڃي تہ انهيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي.


تڏهن يروشلم، هائو، صيئون جبل ۾ باقي بچي ويل نڪري نروار ٿيندا. قادرِمطلق خداوند جي غيرت اهو سڀ ڪجھہ ڪري ڏيکاريندي.


خداوند بهادر مرد وانگر وڙهڻ لاءِ نڪرڻ وارو آهي، هو جنگي جوڌي وانگر پنهنجي قوم لاءِ غيرت ڏيکارڻ وارو آهي. هو جنگ لاءِ للڪارڻ ۽ نعرو بلند ڪرڻ وارو آهي. هو پنهنجي دشمنن تي غالب اچڻ وارو آهي.


اهڙا ماڻهو بي‌وقوف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي نہ ٿا سمجھن تہ اهو ڪم فضول آهي. ائين ٿو لڳي تہ هنن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، ڇو تہ اهي ڏسي نہ ٿا سگھن تہ اهو ڪم ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. هنن پنهنجي عقل کي ڄڻ تہ تالو هڻي ڇڏيو آهي، ڇو تہ اهي سمجھي نہ ٿا سگھن تہ اهي بت ڪوڙا معبود آهن.


جيڪي بہ ماڻهو بت اُڪري ٺاهين ٿا، سي سڀ دوکيباز آهن ۽ جن بتن کي اهي پنهنجي لاءِ خزانو ٿا سمجھن، سي بلڪل بي‌فائدہ آهن. جيڪي انهن بتن جي پوڄا ٿا ڪن، سي انڌا ۽ جاهل آهن، اهي خوار خراب ٿيندا.


تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،


سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.


اي يروشلم جي وسندي! جن تو کي ستايو آهي، تن جو اولاد عاجزيءَ وچان سر جھڪائي تو وٽ ايندو. جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي، سي سڀ تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. اهي تو کي ’بني اسرائيل جي پاڪ معبود جو شهر صيئون،‘ ۽ ’خداوند جو شهر‘ ڪري سڏيندا.


اي خداوند! عرش عظيم تان اسان تي نگاهہ ڪر. هائو، پنهنجي پاڪ ۽ عظمت واري جاءِ مان ڏس. اسان لاءِ تنهنجي غيرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي قدرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي دلي محبت ۽ شفقت ڪٿي آهي؟ انهن کي تو اسان کان ڇو روڪي رکيو آهي؟


ڏسو، خداوند، جنهن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون، سو باهہ سان ايندو، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي غضب جي باهہ سان پنهنجي دشمنن کي سزا ڏئي.


جڏهن اهي يروشلم مان ٻاهر نڪرندا تہ انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا، جن مون سان سرڪشي ڪئي هئي. انهن کي کائڻ وارا ڪينئان ڪڏهن نہ مرندا، نڪي اها باهہ وسامندي جيڪا کين ساڙيندي. اهي پوري انسانذات لاءِ قابلِ نفرت ٿيندا.“


جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.


جهڙيءَ طرح باهہ ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن کي ساڙي ٿي ڇڏي، تهڙيءَ طرح ماڻهن جي بدڪاري سندن ملڪ کي ساڙي ناس ڪري ٿي ڇڏي، هائو، اهڙي باهہ وانگر، جيڪا ٻيلي جي گھاٽن وڻن منجھہ ڀڙڪي اُٿي ٿي، ۽ جنهن جو دونهون گھاٽن ڪڪرن جي صورت ۾ مٿي چڙهي وڃي ٿو.


سو اهو قادرِمطلق خداوند جو قهر ئي آهي، جيڪو ماڻهن جي بدڪاريءَ جي ڪري ملڪ کي ساڙي ڇڏي ٿو، ۽ انهيءَ جا رهاڪو باهہ جو ٻارڻ بڻجي وڃن ٿا، ايتري قدر جو سڀ ماڻهو هڪٻئي جي خلاف ٿي وڃن ٿا.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


البت اوهان مان ڪي ٿورا ماڻهو جنگ کان بچي مصر ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا. پوءِ اوهان جيڪي مصر ۾ رهڻ لاءِ آيا هئا، تن مان انهن باقي بچيل يهوداہ وارن کي ئي خبر پوندي تہ ڪنهن جي ڳالهہ پوري بيٺي، منهنجي يا اوهان جي.


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


اهڙيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجي دشمنن تي غالب پوندا، ۽ سڀني کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا.


تڏهن اي اسان جا دشمنؤ! اوهين اهو ڏسندا ۽ خوار خراب ٿيندا. هائو، اوهين اسان کي اهو طعنو هڻي چوندا آهيو تہ ”خداوند اوهان جو خدا ڪٿي آهي؟“ سو هاڻ اسين اوهان کي گھٽين جي ڌوڙ ۾ لتاڙبو ڏسنداسين.


ٻيون قومون تنهنجا اهي معجزا ڏسنديون، ۽ پنهنجي پوري طاقت جي باوجود هر ڳالهہ هارائي ويهنديون. شرمندگيءَ ۽ دهشت وچان اهي گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويندا.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


هو پاتال ۾ وڃي پيو، جتي هو عذابن ۾ مبتلا هو تہ اکيون کڻي نهاريائين تہ پريان ابراهيم نظر آيس جنهن جي ڀر ۾ لعزر هو.


انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري خدا کي ٿا ڄاڻين.


پوءِ رڳو خدا جي عدالت جو خوف ڀريو انتظار ۽ اها ڀڙڪندڙ باهہ باقي رهندي، جيڪا خدا جي دشمنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.


۽ پنهنجي نيت کي صاف رکڻ سان. پوءِ جيڪي ماڻهو اوهان کي مسيح جي پوئلڳ هئڻ ڪري اوهان جي چڱي هلت چلت بابت گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سي پنهنجي انهيءَ بدزبانيءَ تي شرمندا ٿيندا.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.


ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آهن ڪونہ، بلڪ اهي شيطان جو ٽولو آهن. انهن کي آءٌ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو اچي اوهان جي پيرن تي ڪرندا ۽ اهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.


ڌيان ڏجو، جيڪڏهن اها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيت‌شمس شهر ڏانهن وڃي، تہ ڄاڻجو تہ بني اسرائيل جي خداوند ئي اسان تي هيءَ وڏي آفت آندي آهي، نہ تہ اسين سمجھنداسين تہ انهيءَ ۾ هن جو هٿ ڪين هو. اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو جو اسان سان ٿيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ