3 تنهنڪري زورآور ۽ ظالم قومن وارا تو کان ڊڄندا ۽ تنهنجي تعظيم ڪندا.
3 تنهن ڪري زوراور ماڻهو تنهنجي تعريف ڪندا، خوفناڪ قومن جو شهر تو کان ڊڄندو.
اوهين خدا کي هيئن چئو تہ ”تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ هيبتناڪ آهن، تنهنجي عظيم قدرت جي ڪري دشمن بہ اچي تنهنجي پيش ٿا پون.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دنيا تي تباهي آڻيندس، ۽ سڀني بدڪارن کي سندن گناهن جي ڪري سزا ڏيندس. آءٌ مغرورن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏيندس، ۽ ظالمن جي تڪبر کي ناس ڪري ڇڏيندس.
اوڀر وارا خداوند جي ساراهہ پيا ڳائين، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن وارا سڀيئي ماڻهو پڻ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان پيا ڪن.
پر اي يروشلم وارؤ! اوهان جي دشمنن جو ڪٽڪ ناس ٿي سنهيءَ دز وانگر ٿي ويندو. هائو، اهو خوفناڪ لشڪر طوفان ۾ اُڏامندڙ بُهہ وانگر غائب ٿي ويندو. انهيءَ سبب جو هڪ لحظي ۾ ۽ اوچتو ئي اوچتو
اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي عظمت ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس. آءٌ گھڻين قومن سان اهڙي نموني پيش ايندس جو اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
اهي پنهنجن مضبوط قلعن منجھان مٽيءَ ۾ سرندڙ نانگن ۽ جيتن وانگر ڏڪندي ۽ ڊڄندي ٻاهر نڪري ايندا. هائو، اهي خوف وچان ڏڪندي تو خداوند اسان جي خدا جا اچي تابعدار ٿيندا.
جيڪي قومون يروشلم سان وڙهڻ لاءِ آيون هونديون، تن سڀني مان جيڪي بچي ويا هوندا، سي بعد ۾ قادرمطلق خداوند کي بادشاهہ مڃيندي سندس عبادت ڪرڻ ۽ تنبن واري عيد ملهائڻ لاءِ هر سال يروشلم ۾ ايندا رهندا.
سڄيءَ دنيا تي خداوند جي ئي بادشاهي هوندي. ان ڏينهن رڳو خداوند کي ئي معبود مڃيو ويندو ۽ رڳو سندس ئي عبادت ڪئي ويندي.
انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي عرش عظيم جي خدا جي عظمت مڃڻ لڳا.