Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 25:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تو اسان جي دشمنن جي شهرن کي مٽيءَ جي دڙن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ۽ انهن جي مضبوط قلعن ۽ محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو اهي ابد تائين وري نہ اڏجي سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو تو شهر کي ڍير ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوٽ واري شهر کي ويران بنائي ڇڏيو اٿيئي: ۽ ڌارين جو محلات بہ شهر نہ رهيو آهي، اهو ڪڏهن بہ اڏڻ ۾ نہ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 25:2
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ياد رکو، جنهن کي هو ڊاهي ٿو، سو وري اڏجي نہ ٿو سگھي، جنهن ماڻهوءَ کي هو قيد ٿو ڪري، سو وري ڇٽي نہ ٿو سگھي.


اهو وري ڪڏهن بہ آباد ڪين ٿيندو، ۽ نہ وري ڪو اچي اتي رهندو، نڪي ڪو خانہ‌بدوش ماڻهو اتي پنهنجو خيمو کوڙيندو، ۽ نہ وري ڪو ڌنار پنهنجو ڌڻ اتي ويهاريندو.


بلڪ اهو جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻجي ويندو، ۽ انهيءَ جا گھر اُلو پکين جي آکيرن سان ڀرجي ويندا. اتي شتر مرغ اچي آباد ٿيندا، ۽ بدروح اتي پيا نچندا.


انهيءَ جي قلعن ۾ بگھڙ پيا روڙان ڪندا، ۽ انهيءَ جي خوبصورت محلن ۾ گدڙ پيا اونائيندا. بيشڪ بابل جي تباهيءَ جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڏينهن پوري ٿيڻ ۾ هاڻي ڪا دير ڪانهي.


آءٌ قادرِمطلق خداوند بابل کي فنا جي ٻهاريءَ سان مِٽائي صاف ڪري ڇڏيندس. انهيءَ کي آءٌ ويران ڪري پير ٻوڙ پاڻيءَ ۽ گپ واري زمين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندس، جتي ٻگھہ پيا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ارام جي گاديءَ واري شهر دمشق بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، هاڻي کان پوءِ دمشق شهر نہ رهندو، بلڪ اهو رڳو برباديءَ جو ڍير بڻجي ويندو.


باقي بچيل ارامين جي شان وَ شوڪت جو حشر بہ بني اسرائيل جي شان وَ شوڪت جهڙو ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اسرائيل ۾ ڪوبہ ڪوٽ يا قلعو باقي نہ رهندو، جڏهن تہ ارام جي شهر دمشق مان بادشاهي ختم ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هاڻي اِجھو، آءٌ هڪڙو ماڻهو ايندي ڏسي رهيو آهيان، جنهن جي گاڏيءَ کي ٻہ گھوڙا ڇڪي رهيا آهن. اهو ماڻهو رڙيون ڪري چوي ٿو تہ ’بابل ڪري پيو آهي، هائو، اهو تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي. انهيءَ جي معبودن جي سڀني اُڪريل مورتين کي زمين تي ڪيرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو آهي.‘“


خداوند جو هٿ سمنڊ تي اچي پيو آهي، بلڪ هن بادشاهتن کي بہ لوڏي ڇڏيو آهي. خداوند صور ۽ صيدا جي ملڪ خلاف حڪم ڏنو آهي تہ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي ناس ڪيو وڃي.


بابل ملڪ اهڙي تباهيءَ جو هڪڙو مثال آهي، جنهن جي قوم کي اشورين ناس ڪري ڇڏيو ۽ سندن سڄي ملڪ کي جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻائي ڇڏيائون. هنن شهرن تي حملي ڪرڻ لاءِ ٺُلهہ کڙا ڪيا ۽ پوءِ انهن جي محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو بابل ملڪ ويران ٿي ويو.


شهر ويران ۽ ناس ٿي ويندا، سڀ گھر مضبوطيءَ سان بند ڪيا ويندا، تان‌تہ انهن ۾ ڪوبہ داخل ٿي نہ سگھي.


هو موآب جي مضبوط قلعن وارين ڀتين کي ڊاهي ڇڏيندو، هائو، هو انهن کي ڌرتيءَ تي ڪيرائي مٽيءَ سان گڏ مٽي ڪري ڇڏيندو.


پر هن انهن کي بلڪل پست ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي جبل واري مضبوط شهر ۾ فخر سان ٿي رهيا. هن سندن شهر جي ڪوٽ کي ڪيرائي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آهي.


هن وقت ڪوٽن وارا شهر ويران ڪيا ويا آهن. هائو، اهي ڪنهن اجڙي ويل گھر ۽ بيابان وانگر ويران ۽ سڃا ٿي ويا آهن. اهي چوپائي مال جا چراگاهہ بڻجي ويا آهن، جتي ڌڻ آرام ٿا ڪن ۽ وڻن جي ڏارن مان چرندا ٿا وتن.


يروشلم جو شاهي محل پڻ اجاڙيو ويندو، ۽ وڏي آباديءَ وارو اهو شهر بلڪل ويران ڪيو ويندو. ٽڪر وارو قلعو ۽ اهي ٺُلهہ جن تي پهرو ڏنو ٿو وڃي، سي هميشہ جي لاءِ کنڊر بڻجي ويندا. اهي جھنگلي گڏهن جي جُوءِ، ۽ رڍن ٻڪرين جو چراگاهہ بڻجي ويندا.


پر اڳ مصيبت جي وقت جڏهن ڳڙا وسيا هوندا، ۽ ٻيلن ۽ شهرن کي چپي ڇڏيو هوندائون،


انهيءَ جي محلاتن ۽ ڪوٽ وارن شهرن ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. ملڪ رڳو گدڙن ۽ اُلو پکين جي جُوءِ بڻجي ويندو.


اي سنحيرب! هاڻي مون خداوند جي ٻڌ، هي سڀ مون گھڻو اڳ رٿي ڇڏيو هو. تون نہ ٿو ڄاڻين تہ اهو آءٌ ئي آهيان، جنهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ اهو سڀ ڪجھہ تو کي ڪرڻو آهي. مون ئي تو کي چونڊي ڪڍيو هو تہ تون انهن ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويران دڙا بڻائي ڇڏين.


ايتري قدر جو تنهنجي ڍير مان ڪوبہ پٿر جاءِ ٺاهڻ يا پيڙهہ جو پٿر رکڻ لاءِ ڪڏهن بہ ڪونہ کنيو ويندو. بلڪ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين.


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


ان شهر جو سمورو مال ميڙي وچ پڌر ۾ گڏ ڪري، اهو شهر سميت خداوند پنهنجي خدا جي حضور ساڙي ڇڏجو. اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو.


اهي پنهنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي روئندي پٽيندي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اهو وڏو شهر جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ