يسعياہ 25:10 - Muslim Sindhi Bible10 بيشڪ خداوند هن جبل صيئون جي حفاظت ڪندو رهندو. مگر موآب جا ماڻهو پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙي ناس ڪيا ويندا، جيئن سڪل گاهہ لتاڙجي ڇيڻي سان ملي ويندو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ڇالاءِ جو هن جبل تي خداوند جو هٿ رهندو، ۽ موآب پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙيو ويندو، جيئن ڪک لتاڙبا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جا رهاڪؤ! اُٿو ۽ پنهنجي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيو. آءٌ اوهان کي اهڙي ڏاند وانگر مضبوط بڻائيندس، جنهن کي لوهہ جا سڱ ۽ پتل جا کُر هجن. اوهين گھڻين ئي قومن کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا، ۽ انهن جو مالِغنيمت مون خداوند لاءِ وقف ڪندا. هائو، اوهين انهن جي دولت مون ربالعالمين جي حضور ۾ آڻي پيش ڪندا.“
تنهنڪري، آءٌ قادرمطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“