Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 24:7 - Muslim Sindhi Bible

7 انگورن جون وليون سڪي سڙي وينديون، سو مئي اڻ‌لڀ ٿي ويندي. تڏهن جيڪي اڳ ۾ مئي پي خوشيون ڪندا هئا، سي سڀ هاڻي غمگين ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 نئون شراب غمگين آهي، ڊاک جو منهہ ملول آهي، سڀ خوشدل ماڻهو ٿڌا ساهہ کڻن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 24:7
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سرسبز ٻنين مان خوشيون ختم ٿي ويون آهن، انگورن جي باغن مان خوشيءَ جي راڳن ڳائڻ جو آواز بند ٿي ويو آهي، ۽ انگورن جي چيچڙن مان رس نہ ٿي ڪڍي وڃي. هائو، انگورن جي فصل جي سموري خوشي ۽ شادماني ختم ٿي ويئي آهي.


سندن شهر حشبون جون ٻنيون، ۽ سبماہ شهر جي انگورن جا باغ سڪي سڙي ويا آهن. غير قومن جي سردارن انگورن جي عمدين ولين کي ناس ڪري ڇڏيو آهي. هائو، موآب ملڪ اهڙي عمدي ول مثل هو، جيڪا ڪنهن وقت ڏورانهين شهر يعزير تائين ٿي پهتي. هائو، اها اوڀر ۾ بيابان تائين، ۽ اولهہ ۾ سمنڊ کان پار تائين ٿي پهتي.


اهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي گھٽين مان بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ويران ٿي ويو هوندو.


هائو، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ ڏکڻ ۾ بيابان کان وٺي اتر ۾ دبلا شهر تائين سندن سڀني رهڻ وارن هنڌن کي ويران ۽ غيرآباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ