19 زمين کي ايڏو تہ سختيءَ سان لوڏيو ويندو، جو اها ڦاٽي پوندي ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي.
19 زمين بلڪل ڀڄي پئي آهي، زمين اصل زبون ٿي وئي آهي، زمين تمام گهڻي ڏڪي وئي آهي.
آءٌ ئي ائين ڪندس، هائو، آءٌ ئي جيڪو ڌرتيءَ جي بنيادن کي قائم ٿو رکان، جيتوڻيڪ اها پنهنجي سڀني رهاڪن سميت ڌُڏي ويئي آهي.
آءٌ قادرِمطلق خداوند جنهن ڏينهن پنهنجو غضب ۽ خوفناڪ قهر نازل ڪندس، تنهن ڏينهن آسمان ڏڪي ويندا، ۽ ڌرتي ڌُڏي ويندي.“
جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن ماڻهو سندس جلال جي تجليءَ ۽ غضب کان ڊڄي پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا.
هن جي اڳيان جبل بہ ڏڪڻ لڳن ٿا، ۽ پهاڙ بہ پگھرجي وڃن ٿا. زمين هن جي اڳيان ڪنبڻ لڳي ٿي، هائو، سڄي دنيا پنهنجي رهاڪن سميت ٿڙڪڻ لڳي ٿي.
هو بيهي ٿو تہ زمين ڪنبي ٿي وڃي، هو نهاري ٿو تہ قومون ڏڪي ٿيون وڃن. ۽ اهي قديمي جبل ۽ ٽڪريون جن تي هو گھمندو هو، سي سندس گھمڻ سان ڀورا ڀورا ٿي وينديون هيون.
هن اڃا ايترو چئي بس ڪئي تہ سندن پيرن هيٺان زمين ڦاٽي پيئي.
زمين وات پٽيو ۽ هنن کي سندن گھر ٻار سميت ۽ قورح سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سندن مال ملڪيت سميت ڳهي ويئي.
عيسيٰ جڏهن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا ۽ کانئس پڇڻ لڳا تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ اوهان جي بادشاهي اچڻ جي ۽ هن آخري زماني جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني هوندي؟“
ياد ڪريو، هن داتن ۽ ابيرام، جيڪي الياب جا پٽ ۽ روبن جا پوٽا هئا، تن جو ڪهڙو حال ڪيو. ڪيئن زمين پنهنجو وات پٽيو ۽ انهن کي، انهن جي گھر ٻار، تنبن ۽ سندن نوڪرن ۽ جانورن کي بني اسرائيل جي سامهون ڳهي ويئي.
ياد رکو، خداوند جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آسماني شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آسمان وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.
جيئن تہ اوهين انهيءَ ڏينهن جي اچڻ جو انتظار ڪريو ٿا، جڏهن خدا اچي عدالت ڪندو، تڏهن اهڙي ئي زندگي گذاريو، بلڪ اهڙا عمل پڻ ڪريو جيڪي انهيءَ ڏينهن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجن. انهيءَ ڏينهن تي آسمان باهہ ۾ سڙي ناس ٿي ويندا ۽ آسماني شيون سخت باهہ جي ڪري پگھرجي ختم ٿي وينديون.
تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.