Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 23:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اي سمنڊ جي ڪناري وارن انهن شهرن جا رهاڪؤ! اوهين زاروزار روئندي ترسيس ڏانهن ڀڄي وڃو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 اوهين لنگهي ترسيس ڏي وڃو؛ اي ٻيٽ ۾ رهندڙ، اوهين دانهون ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 23:6
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ هاڻي موآب جا ماڻهو پاڻ تي آيل مصيبتن تي واءِ‌ويلا ڪن ٿا. اهي سڀ قيرحراست شهر ۾ کاڌل ڪشمش جي خاص ٽڪين کي ياد ڪري واءِ‌ويلا ٿا ڪن. بيشڪ اهي سڀيئي بدحال ٿي ويا آهن.


اهي ماڻهو تلوارن جي قتلام کان، ۽ تيرن جي وسڪاري کان ڀڄي نڪتا آهن. هائو، اهي جنگ جي خطرن کان بچي آيا آهن.


هاڻي اي ترسيس جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي پنهنجي ملڪ ۾ آزاديءَ سان گھمو ڦرو، جيئن نيل نديءَ جو پاڻي سڄي مصر ۾ وهندو ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان تان صور وارن جي روڪ ٽوڪ ختم ٿي ويئي آهي.


خداوند صيدا جي رهاڪن کي فرمايو تہ ”اي صيدا جا رهاڪؤ! اڄ تائين اوهان جي شهر کي ڪنهن هٿ بہ نہ لاتو آهي، پر هاڻي اوهان جون خوشيون ختم ٿي وينديون. هائو، اوهين مظلوم ٿي قبرص ڏانهن ڀڄي نڪرندا، جتي بہ اوهين امن وَ سلامتيءَ سان رهي نہ سگھندا.“


هنن جي بتن تي نج سون ۽ عمدي چانديءَ جا پترا چڙهيل آهن، جيڪي ڪاريگرن ۽ سونارن جي هٿن جي ڪاريگري آهن. انهن کي نيري ۽ واڱڻائي رنگ جي پوشاڪ پهرائي وڃي ٿي، جيڪا ماهر ڪاريگر جي هٿ جو ڪم آهي.


آس‌پاس ٻيٽن وارا توڙي ڪناري وارا سڀيئي ماڻهو اهو ڏسي دهلجي ويا آهن. سندن بادشاهن کي ڏاڍو خوف وٺي ويو آهي، ۽ منهن هيڊو ٿي ويو اٿن.


پر يونس اٿيو ۽ خداوند کان پري ڀڄي وڃڻ لاءِ ٻئي طرف واري شهر ترسيس ڏانهن کڻي منهن ڪيائين. هو يافا بندر تي پهتو ۽ اُتي هڪ سامونڊي جهاز ڏٺائين جيڪو ترسيس ڏانهن وڃڻ وارو هو. هو ڀاڙو ڏيئي ان ۾ وڃي ويٺو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کان ڀڄي جهاز وارن سان گڏ ترسيس ڏانهن هليو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ