Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 23:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پر انهيءَ جي تجارت ۽ اُجوري واري رقم خداوند جي لاءِ مخصوص هوندي. اها ڪنهن بہ خزاني ۾ ميڙي گڏ ڪري نہ رکي ويندي، بلڪ انهيءَ جي تجارت جو نفعو خداوند جي عبادت ڪندڙ قوم لاءِ ئي هوندو، تان‌تہ اهي ڍءُ ڪري کائين پيئن ۽ عمدي پوشاڪ پهرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ هن جو سوداگري مال، ۽ هن جو اُجورو خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندو: اهو ميڙي گڏ ڪري رکڻ ۾ نہ ايندو؛ ڇالاءِ جو هن جو سوداگري مال انهن جي لاءِ ٿيندو جي خداوند جي اڳيان ٿا رهن، تہ هو ڍءُ ڪري کائين، ۽ شاهاڻي پوشاڪ ڍڪين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 23:18
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صور شهر جا باشندا نذرانا آڻي تو آڏو حاضر ٿيندا، بلڪ قومن جا دولتمند ماڻهو تنهنجي حمايت جا طالبو ٿيندا.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا.


سمورا بادشاهہ اچي سندس آڏو جھڪندا، ۽ سموريون قومون اچي سندس خدمت ڪنديون.


تون نج سون جي هڪڙي تختي ٺهرائج ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪرائي ڇڏج، ’خداوند جي لاءِ مخصوص.‘


نيڪ ماڻهو پنهنجي پيڙهين لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو، مگر گنهگارن جي ميڙيل دولت سچارن جي حوالي ڪئي ٿي وڃي.


خبردار! ڳري وياج ۽ ناجائز منافعي سان پنهنجي دولت کي نہ وڌايو، ڇاڪاڻ تہ اها دولت اوهان کان کسي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي، جيڪو غريبن تي رحم ڪندڙ هوندو.


هائو، خدا جنهن ماڻهوءَ مان راضي ٿو رهي، تنهن کي ئي هو ڏاهپ، علم ۽ خوشي عطا ڪري ٿو. پر جيڪو ماڻهو گنهگار آهي، تنهن کان هو سخت محنت ۽ مشقت ٿو ڪرائي. پوءِ اهو ماڻهو جيڪي بہ ميڙي گڏ ڪري ٿو سو سڀ خدا انهيءَ جي حوالي ڪري ٿو جنهن تي هو راضي ٿئي ٿو. بس، انهيءَ ۾ بہ زندگيءَ جو راز آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


تنهنجا اهي دشمن تنهنجي دولت لٽيندا، ۽ واپار وارو مال ڦري کڻي ويندا. هو تنهنجيون ڀتيون ڀڃي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا خوبصورت گھر ڊاهي ناس ڪري ڇڏيندا. پوءِ هو تنهنجو ڪاٺ توڙي پٿر، بلڪ تنهنجا ڍير ئي کڻي وڃي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جا رهاڪؤ! اُٿو ۽ پنهنجي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيو. آءٌ اوهان کي اهڙي ڏاند وانگر مضبوط بڻائيندس، جنهن کي لوهہ جا سڱ ۽ پتل جا کُر هجن. اوهين گھڻين ئي قومن کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا، ۽ انهن جو مالِ‌غنيمت مون خداوند لاءِ وقف ڪندا. هائو، اوهين انهن جي دولت مون رب‌العالمين جي حضور ۾ آڻي پيش ڪندا.“


يهوداہ وارا بہ يروشلم جي طرفان وڙهندا ۽ آس‌پاس وارن ملڪن جي دولت يعني سون، چاندي ۽ ڪپڙا وڏي مقدار ۾ گڏ ڪندا.


اوهين ڪمائيءَ جو پورو ڏهون حصو هيڪل جي گودام ۾ آڻيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي گھر ۾ کاڌو پيتو هجي. ائين ڪرڻ سان اوهين ڏسندا تہ آءٌ ڪيئن نہ آسمان جون دريون کولي اوهان تي برڪت وسايان ٿو يا نہ، اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


جنهن کي پنج هزار سون جا سڪا مليا، تنهن وڃي هڪدم انهن سان واپار هلايو ۽ ٻيا پنج هزار ڪمايائين.


سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني عرش عظيم تي پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس،


يوعانا، جيڪا بادشاهہ هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي زال هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون هيون جن پنهنجي مال‌متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارهن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.


تڏهن پطرس اُٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن هو اتي پهتو تہ اهي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي رنون‌زالون روئندي پطرس جي ڀرسان اچي بيٺيون ۽ کيس پنهنجا اهي پهراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي دورڪاس ساڻن گڏ گذاريندي ٺاهيا هئا.


جيڪو خدا جي ڳالهين جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنهن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ