يسعياہ 23:13 - Muslim Sindhi Bible13 بابل ملڪ اهڙي تباهيءَ جو هڪڙو مثال آهي، جنهن جي قوم کي اشورين ناس ڪري ڇڏيو ۽ سندن سڄي ملڪ کي جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻائي ڇڏيائون. هنن شهرن تي حملي ڪرڻ لاءِ ٺُلهہ کڙا ڪيا ۽ پوءِ انهن جي محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو بابل ملڪ ويران ٿي ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 ڪسدين جي زمين ڏس هيءَ قوم نابود ٿي وئي؛ اسورين انهيءَ کي جهنگ جي مرن لاءِ مقرر ڪيو آهي: هنن پنهنجا ٺلهہ کڙا ڪيا، پر هنن محلاتون ڪيرائي وڌيون: هن انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صور شهر تي اچي حملو ڪيو ۽ گھڻي وقت تائين گھيرو ڪري ويهي رهيو. هن پنهنجي لشڪر جي سپاهين کان ايترو تہ ڳرو وزن کڻايو جو انهن جا مٿا گسي گسي گنجا ٿي ويا ۽ سندن ڪلها ڇلجي زخمي ٿي پيا. پر انهيءَ جي باوجود بہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر کي لٽ ڦر جو مال هٿ اچي نہ سگھيو.