يسعياہ 23:1 - Muslim Sindhi Bible1 هي پيغام صور ۽ صيدا شهر بابت آهي. اي اوهين! جيڪي ترسيس کان سامونڊي جهازن رستي موٽي ٿا اچو، سي واءِويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو بندرگاهہ وارو شهر صور اهڙو تہ برباد ڪيو ويو آهي، جو اتي اوهان لاءِ ڪوبہ گھر يا در سلامت ڪونهي. اها خبر اوهان کي قبرص جي ٻيٽ تي پهچڻ وقت ملندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 صور بابت ڪلام. اي ترسيس جا جهاز، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو اهڙو ويران ٿي ويو آهي جو اُتي ڪوبہ گهر يا دروازو ڪونهي: ڪتيم جي زمين مان انهي کي اها خبر ملي آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بيشڪ اهي سامونڊي جهاز آهن، جيڪي ڏورانهن ملڪن کان پيا اچن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي سندن سون ۽ چانديءَ سميت پنهنجي شهر ڏانهن موٽائي پيا آڻين. انهن ۾ سڀني کان پهريائين ترسيس جا جهاز آهن. انهيءَ مان خداوند، تنهنجي خدا جو نالو روشن ٿئي ٿو. هائو، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي تعظيم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هن تو يروشلم جو شان وَ شوڪت بحال ڪيو آهي.
تڏهن عيسيٰ بياعتقاد شهرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيتصيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي ويهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪن ها.