Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 22:24 - Muslim Sindhi Bible

24 الياقيم جو اولاد توڙي مٽ مائٽ سڀيئي سندس محتاج بڻبا. هائو، اهي مٿس ائين ٽنگيل هوندا، جيئن ننڍا وڏا ٿانوَ پيالن کان مٽڪن تائين ڪليءَ ۾ ٽنگيل هوندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ اهي سندس اباڻي گهراڻي جي سڀ وڏائي، اولاد توڙي نسل، سڀ ننڍا ٿانوَ، پيالن جهڙا، ۽ قرابن جهڙا، هن تي ٽنگي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 22:24
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ خداوند کيس اهڙيءَ طرح قائم ڪندس، جيئن ڪنهن مضبوط جاءِ تي ڪلي کوڙبي آهي. سو الياقيم پنهنجي ابي ڏاڏي جي گھراڻي لاءِ شان وَ شوڪت جو باعث بڻبو.


تنهن هوندي بہ جيڪا ڪلي هاڻي مضبوطيءَ سان لڳائي ويندي، سا ڪنهن ڏينهن مون قادرِمطلق جي فرمان موجب لوڏي لوڏي ڍلي ڪري هيٺ ڪيرائي ويندي. پوءِ انهيءَ تي ٽنگيل هر ڪا شيءِ ڪري ناس ٿي ويندي. اهو ئي مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهيءَ ۾ ڪا اهڙي ڪاٺي ئي ڪانهي، جنهن مان ڪا ڪم جهڙي شيءِ جوڙي سگھجي. انهيءَ مان ڪا ڪلي بہ نہ ٿي ٺاهي سگھجي، جنهن تي ڪو ٿانءُ ئي ٽنگي سگھجي.


هائو، اهو ئي مون خداوند جي هيڪل تعمير ڪندو. سندس شان وَ شوڪت وڌي ويندو ۽ اهو پنهنجي تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو. درٻار ۾ هو پنهنجي ساڄي هٿ تي ڪاهن کي ويهاريندو ۽ اهي ٻيئي پاڻ ۾ اتفاق سان صلاح مصلحت ڪندا.‘


عيسيٰ شاگردن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ