يسعياہ 22:13 - Muslim Sindhi Bible13 پر ڏسو، انهيءَ جي بدران اوهان خوشيون ۽ شادمانا ڪيا، ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ذبح ڪيون، ۽ هيئن چوندي گوشت کائڻ ۽ مئي پيئڻ ۾ مشغول ٿي ويا تہ ”اچو تہ کائي پي عيش ڪريون، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي شايد اسين مري وڃون.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 ۽ ڏسو، خوشي ۽ سرهائي، ۽ ڏاندن کي ڪهڻ، ۽ رڍن کي ذبح ڪرڻ ۽ گوشت کائڻ ۽ شراب پيئڻ: اچو تہ کائون ۽ پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي اسين مرنداسين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن بہ اهي ائين چوندا ٿا رهن تہ ’اسين ڇو روزا رکون، جڏهن تہ خداوند انهن تي ڪو ڌيان ئي نہ ٿو ڏئي؟ اسين ڇو پنهنجي جان کي ڏک ڏيون، جڏهن تہ هو انهيءَ جي خبر ئي نہ ٿو رکي؟‘“ خداوند کين ورندي ڏيئي چوي ٿو تہ ”حقيقت هيءَ آهي جو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين رڳو پنهنجو مطلب پورو ٿا ڪريو، ۽ پنهنجي نوڪرن کان سخت ڪم ٿا وٺو.