Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 21:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اهي ماڻهو تلوارن جي قتلام کان، ۽ تيرن جي وسڪاري کان ڀڄي نڪتا آهن. هائو، اهي جنگ جي خطرن کان بچي آيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو هو ترارين کان، اُگهاڙين ترارين کان، ۽ موڙيل ڪمان کان، ۽ جنگ جي سختيءَ کان اُٿي ڀڳا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 21:15
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڏينهن بابل ۾ رهندڙ سڀيئي ڌاريا ماڻهو پنهنجين قومن ۽ پنهنجن ملڪن ڏانهن ائين ڀڄي نڪرندا، جيئن ڪا هرڻي شڪاريءَ کان ڀڄي نڪري. هائو، اهي نڌڻڪين رڍن وانگر ٽڙي پکڙي ويندا.


پوءِ جيڪو بہ پڪڙيو ويندو، تنهن کي تلوار جي منهن ۾ ڏنو ويندو. هائو، جيڪو بہ گرفتار ڪيو ويندو تنهن کي قتل ڪيو ويندو.


هائو، غير قومون پاڻيءَ جي وڏي وهڪري وانگر ڌوڪينديون ٿيون اچن. پر خدا انهن تي عتاب نازل ڪندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون. هائو، اهي ڄڻ تيز هوا جي اڳيان جبلن جي مٽيءَ وانگر، ۽ طوفاني واچوڙي جي اڳيان بُهہ وانگر اڏامي ويندا.


بلڪ اوهان جا سڀيئي اڳواڻ ڀڄي نڪتا هئا، ۽ انهن سڀني کي بنا تير هڻڻ جي قيد ڪيو ويو آهي. توڙي جو اهي تمام پري نڪري ويا هئا، تہ بہ کين پڪڙي گڏ ڪيو ويو.


تڏهن اشوري جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، پر انساني طاقت سان نہ. هائو، اهي لڙائيءَ ۾ ماڻهن جي هٿان نہ ماريا ويندا. هو جنگ کان ڀڄندا رهندا، پر سندن نوجوانن کي پڪڙي غلام بڻايو ويندو.


جڏهن تون گجڪار ٿو ڪرين، ۽ پنهنجو جلال ٿو ڏيکارين، تڏهن غير قومن ۾ ڀاڄ پئجي ٿي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ