يسعياہ 21:11 - Muslim Sindhi Bible11 هي پيغام سنسان رات بابت آهي. ادوم جي جابلو علائقي مان ڪنهن مون کي پڪاري چيو تہ ”اي پهريدار! رات ڪڏهن پوري ٿيندي؟ ٻڌاءِ تہ رات ڪڏهن ختم ٿيندي؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 ادوم بابت ڪلام. شعير مان ڪو مون کي سڏي چوي ٿو تہ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
مصرين ۽ ادومين يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري بيگناهہ ماڻهن جو خون وهايو آهي. سو آءٌ يهوداہ وارن جي خون جو بدلو وٺي مصر ۽ ادوم ملڪن کي ويران ۽ اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ ڪڏهن بہ درگزر نہ ڪندس. پر يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، بلڪ سڄو يهوداہ ملڪ هميشہ آباد رهندو، ۽ آءٌ خداوند ساڻن گڏ صيئون جبل تي رهندس.“