Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 2:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هو ترسيس جي سڀني سامونڊي جهازن، توڙي سڀني سهڻين ٻيڙين کي ٻوڙي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ ترسيس جي سڀني جهازن ۽ سڀني سهڻين مورتن تي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 2:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ کي حيرام جي سامونڊي جهازن سان گڏ تجارتي سامونڊي جهاز بہ هئا. ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو اُهي جهاز سون، چاندي ۽ عاج، باندر ۽ مور کڻي موٽندا هئا.


ماڻهن جو هٺ ڀڳو ويندو. هائو، انسان جي غرور کي ناس ڪيو ويندو، ۽ سڀ جو سڀ بت بلڪل نابود ڪيا ويندا. انهيءَ ڏينهن رڳو خداوند ئي سربلند هوندو.


هي پيغام صور ۽ صيدا شهر بابت آهي. اي اوهين! جيڪي ترسيس کان سامونڊي جهازن رستي موٽي ٿا اچو، سي واءِ‌ويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو بندرگاهہ وارو شهر صور اهڙو تہ برباد ڪيو ويو آهي، جو اتي اوهان لاءِ ڪوبہ گھر يا در سلامت ڪونهي. اها خبر اوهان کي قبرص جي ٻيٽ تي پهچڻ وقت ملندي.


اي اوهين! جيڪي ترسيس کان سامونڊي جهازن رستي موٽي ٿا اچو، سي واءِ‌ويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو قلعي وارو شهر صور بہ اهڙيءَ طرح ئي برباد ڪيو ويو آهي.


بيشڪ اهي سامونڊي جهاز آهن، جيڪي ڏورانهن ملڪن کان پيا اچن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي سندن سون ۽ چانديءَ سميت پنهنجي شهر ڏانهن موٽائي پيا آڻين. انهن ۾ سڀني کان پهريائين ترسيس جا جهاز آهن. انهيءَ مان خداوند، تنهنجي خدا جو نالو روشن ٿئي ٿو. هائو، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي تعظيم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هن تو يروشلم جو شان وَ شوڪت بحال ڪيو آهي.


ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا.


ترسيس جا وڏا جهاز تنهنجي تجارتي مال لاءِ استعمال ٿيندا هئا. اي صور! تون سمنڊ ۾ انهيءَ جهاز جيان هئين، جيڪو ڀاري مال سان ڀريل هجي.


تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍجو. انهن جون تراشيل توڙي پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو ۽ انهن جا ٽڪرن تي ٺهيل پوڄا گھر ڊاهي ڇڏجو.


دنيا جا سوداگر بہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ ماڻهو اهڙو نہ رهيو هوندو جيڪو سندن هي مال خريد ڪري، جهڙوڪ:


تڏهن سمنڊ جي ٽئين حصي جا سڀ جاندار مري ويا ۽ ٽئين حصي جا سامونڊي جهاز بہ تباهہ ٿي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ