يسعياہ 19:24 - Muslim Sindhi Bible24 تڏهن بني اسرائيل مصر ۽ اشور جي ٻنهي ملڪن سان گڏجي ويندا ۽ اهي ٽيئي قومون پوريءَ دنيا لاءِ برڪت جو باعث ٿينديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible24 انهيءَ ڏينهن اسرائيل مصر ۾ اسور سان ٽيون ٿيندو، ۽ ملڪ جي لاءِ برڪت جو وسيلو ٿيندو: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.
خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ يروشلم ۾ هميشہ واري خوشحالي نديءَ وانگر وهائيندس، ۽ قومن جي دولت کي ٽمٽار نهر وانگر اوهان ڏانهن وهائيندس، جيڪا ڪڏهن بہ نہ سڪندي. اوهين ٻارن وانگر هوندا ۽ يروشلم جي وسندي ماءُ جيان اوهان کي ٿڃ پيئاريندي. اها اوهان کي ڄڻ پنهنجي چيلهہ تي کڻي هلندي، ۽ پنهنجي گوڏن تي پيار مان ڪُڏائيندي.