يسعياہ 19:19 - Muslim Sindhi Bible19 انهن ڏينهن ۾ مصر ملڪ جي وچ ۾ خداوند جي هڪڙي قربانگاهہ قائم ڪئي ويندي ۽ ملڪ جي سرحد تي ٿنڀي جيان خداوند جي نالي جو هڪڙو نشان کڙو ڪيو ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 انهيءَ ڏينهن مصر جي زمين جي وچ ۾ هڪڙي قربانگاهہ، ۽ ان جي سرحد تي هڪڙو ٿنڀ خداوند جي لاءِ ٿيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بلڪ انهيءَ لاءِ ٺاهي اٿئون تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ۽ اسان کان پوءِ اسان جي پيڙهين ۽ اوهان جي پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي، تہ اسين خداوند جي مقدس خيمي ۾ پنهنجن ساڙڻ وارين قربانين، ذبح ڪرڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين سان سندس عبادت ڪندا رهون. پوءِ اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چئي نہ سگھندو تہ ’خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي.‘
سو اسان سوچيو تہ جيڪڏهن اُهي اسان جي اولاد کي ڪڏهن ائين چون تہ اسان جو اولاد کين جواب ڏيئي سگھي تہ ’اِجھو، خداوند جي قربانگاهہ جو نمونو ڏسو جيڪو اسان جي ابن ڏاڏن ٺاهيو هو. اِها قربانگاهہ ساڙڻ واري قرباني يا ذبح ڪرڻ واري قربانيءَ لاءِ نہ، پر اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد رهڻ لاءِ تعمير ڪئي ويئي هئي.‘