يسعياہ 17:14 - Muslim Sindhi Bible14 شام جي وقت اهي دهشت بڻجي اچي ڪڙڪندا، مگر صبح ٿيڻ کان اڳ ئي نابود ٿي ويندا. انهن دشمنن جو اهو ئي مقدر آهي، جيڪي ڪاهہ ڪري اچي اسان کي لٽين ڦرين ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 شام جي وقت خوف آهي ۽ صبح کان اڳي اهي نابود ٿي ويندا. اهو انهن جو حصو آهي جي اسان کي لٽين ٿا، ۽ انهن جو جي اسان کي ڦرين ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.