Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 17:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هائو، غير قومون پاڻيءَ جي وڏي وهڪري وانگر ڌوڪينديون ٿيون اچن. پر خدا انهن تي عتاب نازل ڪندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون. هائو، اهي ڄڻ تيز هوا جي اڳيان جبلن جي مٽيءَ وانگر، ۽ طوفاني واچوڙي جي اڳيان بُهہ وانگر اڏامي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 قومون گهڻي پاڻيءَ جي وهڪري وانگي ڪاهي اينديون: پر هو انهن کي عتاب ڏيندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون، جيئن بُهہ واءُ جي اڳيان جبلن تي ۽ جيئن طوفان واچوڙي ۾ مٽيءَ کي اُڏائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 17:13
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلا، انهن بدڪارن کي ڪڏهن ائين اڏائي ختم ڪيو ويو آهي، جيئن ڪک ڪاني کي هوا اڏايو ڇڏي؟ هائو، ڇا انهن کي انهيءَ بُهہ وانگر اڏائي ختم ڪيو ويو آهي، جنهن کي طوفان اڏائي ٿو ڇڏي؟


مون انهيءَ کي چئي ڇڏيو تہ ’تون هيستائين ايندين، پر اڳتي نہ وڌندين، ۽ هتي تنهنجي طاقتور ڇولين جو زور ٽٽي پوندو.‘


پر بڇڙن جي حالت اهڙي ناهي، اهي بُهہ وانگر آهن جنهن کي واءُ اُڏائي کنيو وڃي.


شل اهي بلڪل اهڙا ٿي وڃن جيئن واءُ جي اڳيان بُهہ، ۽ تو خداوند جو ملائڪ انهن جي پٺيان لڳو رهي!


سمنڊن جي گجگوڙن کي ۽ انهن جي ڇولين جي شور کي، بلڪ قومن جي هنگامن کي بہ تون ئي سانت ڪرائين ٿو.


تنهنجي انهن معجزن کان ڌرتيءَ جا سڀ رهاڪو ڊڄن ٿا، ۽ اوڀر کان وٺي اولهہ تائين هو خوشيون ملهائين ٿا.


تو بت‌پرست قومن تي فتويٰ جاري ڪئي آهي، ۽ انهن بڇڙن کي برباد ڪري ڇڏيو اٿيئي، هائو، تو هميشہ لاءِ سندن نالو ئي مِٽائي ڇڏيو آهي.


آءٌ پنهنجي ملڪ يهوداہ ۾ اشورين کي شڪست ڏيندس. هائو، آءٌ پنهنجي جبلن تي کين پيرن هيٺ لتاڙيندس. تڏهن منهنجي قوم جي ڳچين مان اشورين جي غلاميءَ جي پاڃاري نڪرندي. هائو، تڏهن سندن ڪلهن تان بار لهي ويندو،


اهي ماڻهو تلوارن جي قتلام کان، ۽ تيرن جي وسڪاري کان ڀڄي نڪتا آهن. هائو، اهي جنگ جي خطرن کان بچي آيا آهن.


بيشڪ آءٌ تو کي مروڙي سروڙي کينهوءَ وانگر هڪ ڏورانهين وڏي ملڪ ۾ اڇلائيندس. اتي تون مرندين ۽ اهي جنگي گھوڙي گاڏيون جن تي تون فخر ٿو ڪرين سي اتي ئي رهجي وينديون. اهڙيءَ طرح تون پنهنجي آقا جي گھر جي خواريءَ جو سبب بڻبين.


انهيءَ ڏينهن خداوند ور وڪڙ ڏيئي تيزيءَ سان ڀڄندڙ ازدها بلا کي پنهنجي تيز ۽ موتمار تلوار سان ماري ڇڏيندو. هو انهيءَ اجگر نانگ کي بہ قتل ڪري ڇڏيندو جيڪو سمنڊ ۾ آهي.


پر اي يروشلم وارؤ! اوهان جي دشمنن جو ڪٽڪ ناس ٿي سنهيءَ دز وانگر ٿي ويندو. هائو، اهو خوفناڪ لشڪر طوفان ۾ اُڏامندڙ بُهہ وانگر غائب ٿي ويندو. انهيءَ سبب جو هڪ لحظي ۾ ۽ اوچتو ئي اوچتو


هن جي ڦوڪ اٿل کائيندڙ اهڙيءَ ٻوڏ وانگر هوندي، جيڪا هر شيءِ کي لوڙهيو ڇڏي. هو غير قومن کي تباهيءَ واري ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻي ناس ڪندو، ۽ سندن ڄاڙين ۾ لغام وجھي کين قيد ڪرائيندو.


اهو خداوند ئي آهي، جنهن انهن زندہ مخلوقات کي علائقا ورهائي ڏنا آهن، ۽ هر ڪنهن کي سندس حصو عطا ڪيو اٿس. اهي پيڙهي بہ پيڙهي اتي رهندا، ۽ اهو علائقو هميشہ جي لاءِ انهن جو رهندو.


ڄاڻي ڇڏيو تہ خدا جي آڏو سموريون قومون پاڻيءَ جي هڪڙي ڦڙي مثل آهن. هائو، اهي تارازيءَ جي پلڙي ۾ مٽيءَ جي هڪ سنهي ذري مثل آهن. ڏسو، سمورا ٻيٽ هن لاءِ رڳو واريءَ جي ذري مثل آهن.


اهي اهڙن ٻوٽن مثل آهن، جيڪي ٿُڏن وانگر اڃا لڳايا ئي مس ويا، هائو، اهي اڃا پوکيا ئي مس ويا، ۽ هنن جي ٿُڙ اڃا زمين ۾ پاڙ ئي نہ هنئي تہ خدا جي ڦوڪ سان اهي سڪي سڙي ويا، ۽ واچوڙو انهن کي بُهہ وانگر اڏائي کڻي ويو.


ڏسو، جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن، سي سڀ ذليل وَ خوار ۽ شڪست‌خوردہ ٿيندا. جيڪي اوهان سان وڙهن ٿا، سي حقير بڻائي ناس ڪيا ويندا.


تنهنڪري هاڻي ڏس، آءٌ پروردگار ارام ۽ اسرائيل ملڪن تي اشور جو شهنشاهہ سندس پوري لشڪر سان چاڙهي آڻيندس. اهي فرات نديءَ جي تمام زور واري سيلابي پاڻيءَ جيان اچي مٿن ڪڙڪندا، جيڪو پاڻي پنهنجي سڀني نهرن جا ڪنارا ڀڃي ڌوڪيندو ايندو آهي.


تڏهن هڪدم انهيءَ لوهہ، ٺڪر، پتل، چانديءَ ۽ سون کي اهڙو ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويو جيئن اونهاري جي موسم جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ جو بُهہ هوندو آهي. پوءِ واءُ انهن کي ائين اڏائي ويئي جو انهن جو ذرو ئي ڪونہ رهيو. پر جيڪو پٿر انهيءَ مورتيءَ کي اچي لڳو هو سو ايڏو تہ وڏو جبل ٿي پيو جو روءِ‌زمين کي ڀري ڇڏيائين.


تنهنڪري هو صبح جي ڪڪر جيان گم ٿي ويندا، يا جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي. اهي ائين کڄي ويندا جيئن واچوڙو ڳاهہ جي پِڙ تان بُهہ اڏائي کڻي ويندو آهي، يا هو دونهين مثل جلدي ختم ٿي ويندا.


انهيءَ کان اڳ جو خدا جو سخت قهر اوهان کي اچي وڪوڙي، ۽ اوهان کي بُهہ وانگر اڏائي ڇڏي. هائو، انهيءَ کان اڳ جو خداوند جي غضب جو اهو ڏينهن اوهان تي اچي ڪڙڪي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ